ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جون ريليون ۽ ڌرڻا

ڪلوئي/ٻيراڻي (ن ع آ+پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪلوئي ۾ اسپتال کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪئي وئي. مين چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو. جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ايڊووڪيٽ ديال صحرائي، اوڀايو جوڻيجو، سگا جي اڳواڻ ارباب خالد، ٿر سٽيزن فورم جي اڳواڻ نصر الله نهڙيو، سماجي اڳواڻ محمد خان لنڊ، آبادگار ارباب عمران، ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ عثمان هالو،غلام الله بچاڻي،شِهديو ولاسائي،الله بچايو چارو، ڪرشن ميگھواڙ، ڪئي. ٿر سٽي سٽيزن فورم،سگا ۽ آبادگارن سميت شهرين ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته بلاول شهباز اتحادي سرڪار ايس آءِ ايف سي جو ادارو جوڙي آئين ۽ قانون معطل ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي غيرملڪي سرمائيڪارن کي ڏئي سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي هوڏانهن سنڌ پاڪ آبادگار فورم ۽ عوامي تحريڪ طرفان مري پيٽرول پمپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو ريلي کي خطاب ڪندي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، سنڌ پاڪ آبادگار فورم جي چيئرمين شاھ جھان جوڻيجو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، عقيل ماڪوڙاڻي، ھوشو خاصخيلي، عبدالرحمان خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سي سي آءِ ۽ ارسا سميت سمورن وفاقي ادارن ۾  ھڪڙي صوبي پنجاب جي اڪثريت ۽ ھڪ ھٺي آھي. انھن ادارن طرفان ڪيل سنڌ دشمن فيصلن کي عوام ڪڏھن به قبول نه ڪندو.ارسا پاڻيءَ جي شديد کوٽ واري صورتحال ۾ پنجاب کي چولستان ڪئنال جو جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.