ٽنڊوڄام ۾ ڀاڄائي کي تنگ ڪرڻ تان سئوٽ ھٿان سئوٽ قتل

ٽنڊوڄام (ن ع آ) ٽنڊي ڄام جي پاڪستاني چوڪ واري علائقي ۾ جوابدار راشد عرف راشي ميمڻ پنھنجي سڳي سئوٽ نوجوان علي رضا ميمڻ کي تيزاب هارڻ بعد ۾ چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، سندس لاش ٽنڊي ڄام اسپتال بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثڻ حوالي ڪيو ويو، هواڏنهن پوليس ٽنڊي محمد خان ۾ ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد هن بيان ڏنو ته سندس گھرواري کي تنگ ڪرڻ جي الزام ۾ شھر ۾ فروٽ وڪڻندڙ پنھنجي سڳي سئوٽ علي رضا کي تشدد ڪرڻ بعد چاقن جا وار ڪري قتل ڪيو آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.