آرمي چيف جي خاندان خلاف خبر ڪوڙي نڪتي

اسلام آباد(منصورعلي خان) فيڪٽ فوڪس نالي اداري پاران آرمي چيف خلاف جيڪا ڪوڙي خبرڏني وئي هئي.خبر مطابق جنرل عاصم منير جي نياڻين وٽ ڊپلوميٽ پاسپورٽ آهن پر حقيقت ۾ انهن وٽ آفيشل پاسپورٽ آهن.فيڪٽ فوڪس سان سلهاڙيل هڪ صحافي عثمان منظور ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته فيڪٽ فوڪس ۾ ڇپيل آرمي چيف جنرل عاصم منير جي حوالي سان خبر  ڪوڙن الزامن تي ٻڌل هئي. حقيقتن کي مسخ ڪيو ويو آهي ۽ ڄاڻي واڻي هڪ بيانئي کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ پوري مهم هلائي وئي.احمد نوراني جي ان اسٽوري جي ڀرپور مذمت ڪريان ٿو.عثمان منظور مطابق هو فيڪٽ فوڪس جوايڊيٽر هيو، اهو واضع ناهي ته هن وقت هو ان اداري ۾ آهي يا نه آهي.ٻئي پاسي احمد وقاص گورايا ٽوئٽ ڪئي آهي ته عثمان منظور جي گواهي اچي وئي آهي احمد نوراني جي يوٿياپي جي ڪري پوري ٽيم فيڪٽ فوڪس  جي ڪوڙي خبرن جي ڪري الڳ ٿي وئي هئي. هن شخص هڪ محنت سان تيار ڪيل اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو28 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.