جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) بلوچستان جي صحبت پور واري علائقي ۾ آر ڊي 238 ٿاڻي جي حد ڳوٺ دُوران خان کوسو ۾ عظمت بگٽي ۽ دوران خان کوسو جي ٻن ڌرين ۾ 3 سو جريب زرعي زمين جي مالڪي جي 10 سالن کان ھلندڙ تڪرار تان ھٿياربندن دوران خان کوسو جي ھاري علي حسن شيخ جي گھر تي چڙھائي ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ گھر ڌڻي علي حسن شيخ، سندس زال زيبل شيخ، چار پٽ 23 ورھين جو اسد الرحمان شيخ، 10 ورھين جو سعدالله شيخ، 3 ورھين جو يامين شيخ، 2 ورھين جو ياسر شيخ ۽ 4 ورھين جي ڌيءُ سائران شيخ ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جنهن بعد گھر کي باھه ڏئي ڇڏي جنھن سبب چئن ٻارڙن جا لاش مڪمل سڙي ويا، جڏھن ته علي حسن، زيبل ۽ اسد الرحمان شيخ جي لاشن جا 50 سيڪڙو جسم سڙيا، واقعي ۾ مقتول علي حسن شيخ جي ھڪ پٽ محبوب عرف علي جان شيخ ھٿياربندن کي ڏسندي ئي گھر کان رات جي اوندهه جو فائدو وٺي ڀڄي پاڙيسري جي گھر ۾ پناھه وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ستن مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد مقتول علي حسن جي ڀاءُ گل حسن شيخ جي حوالي ڪيا ويا، جنهن بعد لاش ٽريڪٽر ٽرالي ۾ مانجھي پور آندا ويا، جتي مانجھي پور شھر جي شيخ محلي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، ھڪ ئي وقت 7 گھر ڀاتين جا لاش کڄڻ تي قيامت صغران جا منظر هئا، ھر اک آلي هئي، وڏيري دوران خان کوسو جو چوڻ آهي ته مخالف عظمت بگٽي زبردستي منھنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو ھن اڳ به علي حسن شيخ کي لڏي وڃڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، گل حسن شيخ ٻڌايو ته عظمت بگٽي 7 ھٿياربندن سان اسان جي گھر مٿان چڙھائي ڪري فائرنگ 7 خون ڪري ظلم ڪيو آهي، ظالمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.