سمي بلوچ جي نظربندي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ بي واءِ سي جي مرڪزي اڳواڻ سمي بلوچ جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ۽ گهرو کاتي سميت ٻين کي 7 اپريل جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. درخواستگذار جي وڪيل جبران ناصر عدالت کي آگاهي ڏني ته سمي بلوچ کي 24 مارچ تي غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هوءَ گورنر هائوس ٻاهران احتجاج کان پوءِ پريس ڪلب طرف وڃي رهي هئي. بعد ۾ جڊيشل مجسٽريٽ کيس آزاد ڪيو، پر 26 مارچ تي ٻيهر ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو.  وڪيل چيو ته ايم پي او آرڊر سنڌ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ جاري ڪيو ويو. عدالت نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي عيد کان پوءِ رکڻ جو فيصلو ڪيو. وڪيل عدالت کان سمي بلوچ سان فيملي ۽ وڪيل جي ملاقات جي اجازت ڏيڻ جي به درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت چيو ته ان لاءِ الڳ درخواست داخل ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.