اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي غير معياري ٻج فراهم ڪندڙ 392 ڪمپنين کي فوري طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ نيشنل سيڊ ڊولپمينٽ اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (اين ايس ڊي آر اي) جي بورڊ آف گورنرز جو ٻيو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ملڪ ۾ معياري ٻجن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو.
قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وزارت طرفان جي جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ ٻجن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ تصديق ٿيل ٻجن جي دستيابي کي پهرين ترجيح قرار ڏنو ويو.
ان موقعي تي وفاقي وزير رانا تنوير چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ سخت معيار لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اجلاس ۾ ٻج ڪمپنين جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جي روشني ۾ اين ايس ڊي آر اي ۽ وفاقي ٻج سرٽيفڪيشن اداري پنهنجون سفارشون پيش ڪيون.
اجلاس دوران هڪ اهم فيصلي تحت، معيار تي پورو نه لهندڙ 392 ٻج ڪمپنين کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اجلاس ۾ شامل سمورن ميمبرن وزيراعظم جي هدايت تي سخت فيصلا ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ملڪ ۾ اعليٰ معيار جا ٻج فراهم ڪري سگهجن.
وفاقي وزير رانا تنوير حسين هدايت ڪئي ته ٻج ڪمپنين کي ريگوليٽري اٿارٽي جي سخت ضابطن تي هلڻ لازمي بڻايو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته وزارت قومي غذائي تحفظ، زرعي شعبي جي بهتري ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل پرعزم آهي.
رانا تنوير حسين زور ڏنو ته مشڪل فيصلا ئي زرعي شعبي جي واڌاري ۽ هارين جي خوشحالي جي ضمانت آهن ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي.
وزيراعظم جي هدايتن وڏو قدم، غيرمعياري ٻِج فراهم ڪندڙ 392 ڪمپنيون ترت بند ڪرڻ جو اعلان
You might also like