سنڌ کان سنڌو کسڻ جي جنگ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن جي ڳچيءَ ۾ پوندي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي قومپرستن، سياسي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته پ پ، (ن) ليگ، اسٽيبلشمينٽ ڳٺ جوڙ سان هلندڙ وفاقي، پنجاب ۽ سنڌ سرڪار کي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن تي قبضي وارن منصوبن کي ختم ڪرڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سنڌ صوفي فورم پاران حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي مقامي هال ۾  افطار پارٽي جي موقعي تي ڪيل ڪٺ کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياهه بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪينال ۽ نوان ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ جيڪي اسڪيمون رٿيل آهن انهن تي ڪم هلندڙ آهي. اسان کي هن وقت سنڌو درياهه جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي واري ان مصيبت مان نڪرڻ جي لاءِ سوچڻ گهرجي، هڪٻئي کي ميارون پوءِ ڏئي وٺنداسين. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي فيڊريشن جي بنيادي تصور کي ختم ڪيو ويو آهي. ايس آءِ ايف سي جي هوندي 73ع جي آئين جي ڪهڙي حيثيت وڃي بچي آهي، مٿان وري 26 هين آئيني ترميم آڻي عدالتن کي ڪينگروز ڪورٽ بڻايو ويو آهي. آوازن کي دٻائڻ جي لاءِ پيڪا ايڪٽ آڻي صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي بندش لڳائي وئي. هاڻ ادارن کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ڪنهن کي به خوارجي قرار ڏئي رستي تان هٽائي سگهن ٿا. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان کي برابري جي بنياد تي حصو گهرجي ٿو، اهو موقف سڄي ملڪ جو هجڻ گهرجي.  هن چيو ته ارڙهين ترميم ته پري جي ڳالهه آهي پر ارڙهين ترميم کان اڳ وارا اختيار به کسيا ويا آهن. ايس آءِ ايف سي جي بنياد تي هڪ ڪمپني ٺاهي وئي آهي، جيڪا صوبن جي ملڪيت تي سڌو مالڪي جو اختيار رکي ٿي. هن چيو ته هن وقت سنڌو درياهه کي بچائڻ جي لاءِ سنڌ جا ماڻهو جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر سنڌ جي چونڊيل نمائندن، وڏيرن، سردارن ۽ اسٽيلشمينٽ جا پنهنجا پلان به موجود آهن. ان ڪري اسان کي سوچ ويچار ۽ عقلمندي سان جدوجهد کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چيو ته سنڌو درياهه بچائڻ واري جدوجهد ۾ پ پ، (ن) ليگ ۽ ان جي اتحادين کي ڇڏي باقي سمورين جماعتن سان گڏجي جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته پنهنجي درياهه جي تحفظ ۽ زمينن جي وارثي جي لاءِ سنڌ جي ماڻهن جيڪو تحرڪ پيدا ڪري اتحاد ڪيو آهي اهو اتساهيندڙ آهي. هن چيو ته سنڌ رمضان جي مهيني ۾ اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ خوف پيدا ڪيو آهي. سنڌ خاموش نه ويٺي آهي. هن چيو ته پنجاب جي قبضي ۽ دهشت خلاف سنڌ مزاحمت ڪري ٿي ته سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو. پيپلزپارٽي پنجاب جي سهولتڪار بڻجي سنڌ جي ماڻهن جي تحريڪ کي روڪڻ جي ڪوشش پئي ڪري. هن چيو ته اسان کي ڏاهپ سان پرامن جدوجهد کي اڳتي وڌائڻو پوندو. بحريا ٽائون خلاف سڄي سنڌ گڏ ٿي هئي ته ڪرائي جي ماڻهن ذريعي ان ڌرڻي ۾ شرارت ڪرائي وئي. جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي وجود کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن. ڪينالن جي منصوبي جي منظوري آصف زرداري ڏني، پر هاڻ هو ڊراما پيا ڪن، پيپلزپارٽي ڀلي چالاڪين سان سنڌ جي ماڻهن جو ووٽ وٺي وڃي ٿي، پر سنڌ جو ماڻهو پيپلزپارٽي کي دلي طور قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. جنهن جو مثال پيپلزپارٽي جو هاڻوڪو احتجاج آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي چيو ته ڪينال ڪڍڻ  لاءِ هاڻ سنڌ جي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ کي اسان درياهه جو قتل سمجهون ٿا. حڪمرانن جيڪا جنگ سنڌ جي ماڻهن مٿان مڙهي آهي اها سندن ڳچيءَ ۾ پوندي.سنڌ صوفي فورم جي سربراهه بدر چنا چيو ته هي افطار پارٽي هجڻ سان گڏ سنڌ جو قومي ڪٺ به آهي، پيپلزپارٽي مسلسل ڪينالن جي معاملي تي ڪوڙ ڳالهائيندي رهي. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ارسا ۾ به هن وقت پنجاب جي سوچ جي اڪثريت آهي، ان ڪري سنڌ جو هڪ ميمبر اتي ڪجهه نه ڪري سگهندو. نامياري ليکڪه امر سنڌو چيو ته ڪينالن جي اعلان کانپوءِ سنڌ ۾ ڪاوڙ جو اظهار وڏي شدت سان موجود آهي. سنڌ پنهنجي مزاحمتي انداز سان اٿي آهي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته سنڌ کي وڏو نقصان جاگيردارن، وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن ڏنو آهي. سنڌ جي زمينن کان ويندي ڪارونجهر جبل جي وڪري کانپوءِ هاڻ اسان کان سنڌو درياهه کسيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسلم لغاري چيو ته ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڄي سنڌ مزاحمتي آوازن سان گونجي اٿي آهي. ان مزاحمت آڏو گوڏا کوڙي چوري ۾ حصيدار به اسان سان گڏ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. جماعت اسلامي جي اڳواڻ طاهر مجيد چيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال قبول ناهي.ڪراچي جي رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي به هن جدوجهد ۾ شامل ٿيڻو پوندو.نامياري وڪيل ستار سرڪي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي.سنڌ جا جاگيردار ۽ وڏيرا سنڌ دشمن سازشن ۾ اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺل رهيا آهن. قمرالزمان راڄپر چيو ته اسان کي پنهنجن سمورن قومي مسئلن جو جائزو وٺڻ گهرجي. اسان پرامن جدوجهد جا حامي آهيون. جسقم شهيد بشير خان جي اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جيان ڪينالن خلاف تاريخي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيل جدوجهد دوران سنڌ جي ماڻهن ۾ ايتري ڪاوڙ نه ڏٺي جيڪا اڄ ڪينالن جي اڏاوت تي ڏٺي پئي وڃي.ان موقعي تي ڊاڪٽر دودو مهيري، مير حيدر ٽالپر، رميش گپتا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته قراردادون پيش ڪندي چيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ صدر آصف علي زرداري ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڏنل منظوري رد ڪري، ٻي صورت ۾ اهڙن سنڌ دشمن منصوبن جي منظوري ڏيندڙ صدر استعفي ڏئي. وفاقي وزير خواجا آصف ۽ عطا تارڙ ست ڪروڙ سنڌين کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪن. قراردادن ۾ پ پ طرفان ڪينالن خلاف نڪتل جلوسن کي منافقي ۽ ڊرامو قرار ڏيندي کين صلاح ڏني وئي ته جيڪڏهن هو سنڌي قوم سان سچا آهن ته فوري طور وفاقي حڪومت کان پنهنجي حمايت واپس وٺن. گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي ناجائز قبضي جي مذمت ڪندي منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.