” اسان ڪنهن جماعت يا مُلڪ لاءِ مرڻ نه ٿا چاهيون“ غزا ۾ سوين ماڻهو حماس خلاف روڊن تي نڪري آيا

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ ست آڪٽوبر 2023 کان جاري ويڙهه کانپوءِ پهريون ڀيرو سوين ماڻهو حماس خلاف احتجاج لاءِ رستن تي نڪري آيا، حماس جي نقاب پوش ويڙهاڪن، جن مان ڪجهه هٿياربند هئا ۽ ڪجهه لٺيون کڻي بيٺل هئا، احتجاج ڪندڙن کي زبردستي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، سماجي ڪارڪنن طرفان سوشل ميڊيا تي وڊيوز شيئر ڪيون ويون، جن ۾ نوجوان اتر غزا جي بيت لاھيا علائقي ۾ مارچ ڪندي ”حماس هتان نڪري وڃي“ جا نعرا هڻندي نظر آيا.
حماس جو چوڻ آهي ته هو اهڙن ماڻهن جي مذمت ڪن ٿا، جيڪي ”شڪي سياسي ايجنڊا“ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن ۽ اسرائيل بدران ڪنهن ٻئي تي الزام مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، حماس جي حامين احتجاج ڪندڙن تي غداري جو الزام لڳايو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اتر غزا ۾ حماس خلاف احتجاج تڏهن ٿيو، جڏهن هڪ ڏينهن اڳ عسڪري گروپ ”اسلامي جهاد“ اسرائيل تي راڪيٽن سان حملو ڪيو هو. ان کانپوءِ اسرائيل بيت لاھيا جي وڏن حصن کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن سبب علائقي جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ وڌي وئي.
ٻن مهينن جي جنگبندي کانپوءِ اسرائيل ٻيهر غزا ۾ پنهنجو فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس آمريڪا جي سفارشن موجب جنگبندي معاهدي جي واڌ تي راضپو ظاهر نه ڪيو، جڏهن ته حماس الزام لڳايو ته اسرائيل جنوري ۾ ٿيل معاهدي تي عمل نه ڪيو.
واضح رهي ته 18 مارچ تي اسرائيل غزا ۾ هوائي حملن ذريعي آپريشن ٻيهر شروع ڪيو، جنهن ۾ سوين فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.
مظاهري ۾ شامل محمد دائپ ٻڌايو ته ”هن جنگ ۾ منهنجو گهر تباهه ٿي ويو، جڏهن ته گذريل سال اسرائيلي هوائي حملن ۾ منهنجو ڀاءُ مارجي ويو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”اسان ڪنهن به پارٽي جي ايجنڊا يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي مفادن لاءِ مرڻ کان انڪار ڪريون ٿا، حماس کي پوئتي هٽڻ گهرجي ۽ انهن ماڻهن جي آواز ٻڌڻ گهرجي، جيڪي ڏکويل آهن، اِهو آواز ملبي جي ڍير هيٺان اچي ٿو، جيڪو سڀ کان سچو آواز آهي.“
هوڏانهن حماس جي هڪ عهديدار ڊاڪٽر بسيم نعيم برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”ماڻهوءَ کي ڏک ۽ تڪليف ۾ روئڻ جو حق آهي.“ پر هن دعويٰ ڪئي ته احتجاج ڪندڙن جي ”مشڪوڪ ايجنڊا“ آهي.
هن سوال ڪيو ته ”اهڙا احتجاج اولهه ڪناري تي ڇو نه ٿي رهيا آهن؟“
هن وڌيڪ چيو ته ”غزه ۾ جاري بحران جو فائدو وٺي اسرائيل تان الزام هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.“
ياد رهي ته غزا ۾ تازي ويڙهه 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ شروع ٿي، جنهن ۾ 1200 ماڻهو مارجي ويا ۽ 251 کي يرغمال بڻايو ويو.
جواب ۾ اسرائيل غزا تي سخت حملا ڪيا، جن ۾ حماس جي انتظام هيٺ هلندڙ صحت واري وزارت موجب، پنجاهه هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد چڪا آهن.
ان کانسواءِ 21 لک کان وڌيڪ غزا واسي بي گهر ٿي چڪا آهن.
هڪ ڪاٿي موجب، غزا ۾ 70 سيڪڙو عمارتون يا ته تباهه ٿي چڪيون آهن يا نقصان پهتو، جڏهن ته صحت، پاڻي، خوراڪ ۽ بنيادي سهولتن جو نظام به مڪمل طور تي ڊانواڊول ٿي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.