بلوچستان: دهشتگردن 6 مسافرن کي قتل ڪري ڇڏيو

گوادر (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر گوادر جي علائقي ڪلمت ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو ڪلمت ۾ پيش آيو، جتي حملي آورن گوادر کان ڪراچي ويندڙ مسافرن تي فائرنگ ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي شخص اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو.
پوليس موجب، مارجي ويل ماڻهن مان هڪ جو واسطو ملتان سان آهي، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
وفاقي گهرو وزير جي مذمت
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن بزدلاڻين حرڪتن ذريعي بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻايو.
هن مقتولن جي پونئرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم شهرين جو قتل انسانيت خلاف ڏوهه آهي، مسافرن جي سڃاڻپ ڪري کين نشانو بڻائڻ وحشت ۽ بربريت آهي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي علائقي منگچر ۾ به فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو، جتي پنجاب سان واسطو رکندڙ 4 پورهيت مارجي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.