مالاڪنڊ (ويب ڊيسڪ) مالاڪنڊ جي علائقي خٽڪو شاهه ۾ هڪ ڪار حادثي جو شڪار ٿي واهه ۾ ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب، حادثو مهاجر ڪيمپ جي ويجهو پيش آيو، جتي ڪار اوچتو ڪنٽرول وڃائي واهه ۾ وڃي ڪِري.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گاڏي ۽ پنجئي لاش واهه ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته فوتين کي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال درگئي نيو ويو آهي.
ريسڪيو عملدارن موجب، فوتين ۾ هڪ مرد، 2 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن.
Next Post
You might also like