لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن واضح ڪيو آهي ته نائين جماعت جا ساليانا امتحان مقرر ڪيل ڊيٽ شيٽ موجب ئي ٿيندا.
لاهور بورڊ جي ترجمان موجب، 28 مارچ ۽ 4 اپريل تي ٿيندڙ امتحان شيڊيول موجب ٿيندا.
ترجمان جو چوڻ آهي ته 28 مارچ تي ترجمو القرآن ۽ غير مسلم شاگردن لاءِ ايٿڪس جو پرچو طئي ٿيل شيڊيول مطابق ٿيندو.
ان کانسواءِ 4 اپريل تي فيشن ڊيزائننگ، آرٽ، ماڊل ڊرائنگ، فزيالاجي ۽ ماحولي مطالعي جا پرچا پڻ شيڊيول موجب ٿيندا.
You might also like