اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي کي يقين ڏياريو آهي ته 6 ڪئنالن واري معاملي تي مشاورت ڪئي ويندي ۽ جيڪو به اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيندو ان تي عمل ڪيو ويندو.
هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته معاملو تڏهن خراب ٿيندو جڏهن ڪنهن مسئلي تي ٽڪراءُ يا ضد واري صورتحال پيدا ٿيندي.
هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف سان ٿيل اجلاس ۾ بلاول ڀٽو، خورشيد شاهه، گورنر پنجاب ۽ پيپلزپارٽي جي ٻي قيادت پڻ شرڪت ڪئي.
هن چيو ته سنڌ ۾ڇهن ڪئنالن جي معاملي تي مالڪي جو مسئلو آهي، اِها اونرشپ پيپلزپارٽي کي وٺڻي ئي پوندي، جيڪڏهن اها ذميواري نه ورتي وئي ته ڪو ٻيو وٺي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي ان مسئلي تي اڳتي وڌڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ ۾ ڪينالن تي جيڪا سياست ٿي رهي آهي پيپلز پارٽيءَ کي ان اسپيس کي ڪور ڪرڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like