ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ اڄ هڪ ڀيرو وري وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ سون جي قيمت نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3 هزار 2 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 21 هزار رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 2 هزار 749 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 75 هزار 205 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 31 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار 52 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.