جيڪڏهن توهان گوگل ڪروم ويب برائوزر استعمال ڪريو ٿا ته فوري طور اپڊيٽ ڪري ڇڏيو ڇو ته گوگل ڪروم ۾ هڪ وڏي سيڪيورٽي ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ نئين اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
گوگل موجب، سيڪيورٽي خامي خاص طور تي ونڊوز آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽرن ۾ سامهون آئي هئي، جيڪا هيڪرن لاءِ ڊيٽا تائين رسائي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
آن لائن سيڪيورٽي ڪمپني kaspersky جي ماهرن هن خامي جي نشاندهي ڪئي، جنهن موجب هيڪرن اي ميلز ذريعي واهپيدارن کي اهڙين ويب سائيٽن ڏانهن وٺي ويندا هئا، جتان بگ فوري طور سندن ڪمپيوٽر ڊيٽا تائين پهچي ويندو هو.
گوگل اعتراف ڪيو آهي ته هيڪرن ان خامي مان فائدو وٺي ڪيترن ئي واهپيدارن کي نشانو بڻايو، تنهنڪري برائوزر کي جلد کان جلد اپڊيٽ ڪرڻ ضروري آهي.
گوگل ڪروم کي ڪيئن اپڊيٽ ڪجي؟
عام طور تي گوگل ڪروم پاڻمرادو اپڊيٽ ٿئي ٿو.
جيڪڏهن توهان کي پڪ نه هجي ته برائوزر اپڊيٽ ٿيو آهي يا نه ته ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪري سيٽنگس ۾ وڃي ابائوٽ ڪروم تي ڪلڪ ڪريو، جيڪو صفحي جي کاٻي پاسي هيٺان موجود هوندو.
جيڪڏهن ڪروم اپڊيٽ ٿيل نه هوندو ته اِهو پاڻمرادو اپڊيٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو.
اپڊيٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ري لانچ بٽڻ تي ڪلڪ ڪندئو توهان جو ڪروم اپڊيٽ ٿي ويندو.