ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا جي ڊبل روڊ وٽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ 21 زخمي ٿي پيا.
سامهون آيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌماڪي سبب پوليس جي موبائل وين ۽ ويجهو بيٺل هڪ موٽرسائيڪل کي شديد نقصان پهتو.
ٽراما سينٽر جي انتظاميا موجب، ڌماڪي ۾ زخمي 17 ڄڻن کي ٽراما سينٽر آندو ويو جن ۾ ٻه ٻارڙا پڻ شامل آهن.
پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض ڌماڪي ۾ڌماڪي ۾ 3 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 21 زخمين جي تصديق ڪئي آهي.
ٻئي پاسي بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا جي علائقي ڊبل روڊ تي ٿيل ڌماڪي ۾ پوليس موبائل وين کي نشانو بڻايو ويو.
ترجمان طرفان ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچايو ويندو.