ڪراچي (رپورٽر+م ڊ) سنڌ اسيمبلي جي فيڪٽ فائينڊنگ انڪوائري ڪميٽي ڪراچي انٽرميڊيٽ بورڊ جي امتحاني نتيجن بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ امتحاني طريقيڪار، اسيسمينٽ، رڪارڊ ۽ مارڪ شيٽ ۾ سنگين بي ضابطگين ۽ بي قائدگين جي نشاندهي ڪئي وئي. تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪميٽي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بورڊ طرفان شاگردن سان ناانصافي ڪئي وئي ۽ گذريل اٺن سالن کان نتيجن ۾ بدديانتي ٿي رهي آهي، جنهن کي روڪڻو پوندو. اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر سروش لودهي جي سربراهي ۾ ٿيل انڪوائري بورڊ جي بي ضابطگين کي وائکو ڪري ڇڏيو. ڪميٽي شاگردن کي گريس مارڪ ڏيڻ جي سفارش ڪئي. سردار علي شاهه چيو ته ڪراچي انٽرميڊيٽ بورڊ جو ڪردار مافيا جهڙو ٿي ويو آهي، جنهن سبب شاگردن ۾ مايوسي پکڙجي وئي. ڪميٽي سنڌ جي بورڊز ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ڪم ڪندي ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي سڀئي سفارشون پيش ڪيون وينديون. اجلاس ۾ تعليم واري وزير سميت مختلف ميمبرن ۽ وائس چانسلر سروش لودهي به شرڪت ڪئي، جتي 250 صفحن تي مشتمل تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي يارهين درجي جي شاگردن کي گريس مارڪون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فزڪس ۽ رياضي ۾ شاگردن کي 15 مارڪون ڏنيون وينديون، جڏهن ته ڪيمسٽري ۾ شاگردن کي 20 واڌو مارڪون ڏنيون وينديون. فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ چيو ويو ته شاگردن کي فزڪس ۽ اسلاميات جا ڪتاب دير سان مليا، فزڪس جا ڪتاب شاگردن لاءِ ڏيا ثابت ٿيا ۽ ڪيمسٽري، فزڪس ۽ رياضي جا پيپر شاگردن لاءِ ڏکيا هئا. استاد گهر وڃي ڪاپيون چيڪ ڪيون، کين ڪاپيون چيڪ ڪرڻ جي پگهار نه ڏيڻ به حوصلو ٽوڙڻ برابر آهي.