جيڪب آباد لڳ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد جي مولاداد ۽ بقا محمد ٿاڻن جي حدن ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورتسميت ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار ساٿين سميت فرار ٿي ويا. مولاداد ٿاڻي جي حد نوازو جاگير ۾ جوابدار اربيلي جکراڻي پنهنجي ساٿين جي مدد سان 28 ورهين جي ابرار جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول نوجوان جي هڪ ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي.ان کانپوءِ، جوابدار اربيلو بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ برڪت جکراڻي ۾ پنهنجي گهر پهچي پنهنجي گهرواري 22 ورهين جي مسمات گل بخت جکراڻي کي به گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي حد جي پوليس مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتول نوجوان جي چاچي عبدالوحيد جکراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀائيٽي ابرار بيگناهه قتل ڪيو ويو. واردات کانپوءِ جوابدار ساٿين دلبر، خانو، ٽلڻ ۽ شاهد جکراڻي سميت فرار ٿي ويا. هن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن، حد جي ٻنهي ٿاڻن تي واقعي جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا هئا ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.