حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن جي تنظيمن تي ٻڌل اينٽي ڪينالز ايڪشن ڪميٽيء پاران 6 ڪينالن خلاف احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي ميزباني هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، سيد زين شاهه، ايوان زراعت سنڌ جي سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو، سنڌ آبادگار اتحاد جي انوار احمد، سنڌ يونائٽيڊ آبادگار فورم جي صدر بشير احمد شاهه، رسول بخش لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اينٽي ڪينالز ايڪشن ڪميٽي سياسي تنظيمن جي گڏيل فورم سيوِ انڊس رِور موومينٽ سان گڏجي پنهنجي تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ڌرين سان رابطا ڪري جلد ئي ڪراچي ۾ ڪينالن جي معاملي تي هڪ ڪانفرنس گهرائي ويندي. جڏهن ته سنڌ پٽيشن فورم جي ڪينالز خلاف صحيحن واري مهم کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪرادار ادا ڪري ان مهم کي تعلقي ۽ ڳوٺن جي سطح تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل تنظيمن جي احتجاجن تي انهن جي سنڌ دوست ڪردار جي واکاڻ ڪندي 3 اپريل تي گمبٽ واري احتجاج ۽ 5 اپريل تي سيو انڊس رِور موومينٽ جي سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين نڪرندڙ ريلي جي به حمايت ۽ ان ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌو ندي سنڌ جي جياپي جو سڀ کان اهم وسيلو آهي. جنهن تي ڪو به اضافي ڪينال, ڊيم ۽ ڪٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي،