پ پ جو احتجاج فيس سيونگ لاءِ آهي:ڪاشف شيخ

 ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌوءَ تي چولستان سميت نون ڪئنالن کي قوميوحدت تي وار قرار ۽ وفاق ۽ پنجاب جي سنڌ دشمن فيصلي خلاف جماعت اسلامي طرفان عيد کان پوءِ عوامي جاڳرتا لاءِ روڊ ڪاروان ڪڍڻ جڏھن ته ٻئي جمعي تي دستخطي مھم جو اعلان ڪندي چيو آھي ته ڪئنالن واري مامري تي سنڌ جي ڀرپور احتجاج ۽ مزاحمت جي باوجود حڪمرانن جي ضد ۽ ھٽ ڌرمي ملڪ کي ڪنھن نئين بحران جي ور چاڙهي سگھي ٿي.ڪي پي ۽ بلوچستان جي صورتحال بعد سنڌ کي به بغاوت تي مجبو ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ڪنھن ھڪ نه پر چئني صوبن جو نالو آھي.حڪمرانن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته چولستان ڪئنال کپي ياپاڪستان.پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي حقن جي سودي بازي ڪري عوام جي مينڊيٽ جي توھين ڪئي آھياھڙن خيالن جو اظهار ھن مرڪز تبليغ اسلام ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل دعوت افطار ڊنر ۾ خطاب ڪندي ڪيو.جنھن ۾ پريس ڪلب جي عھديدارن سميت اديبن دانشورن ،پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافي وڏي  تعداد ۾ شريڪ ھئا. هن چيو ته  سنڌو تي ڪئنال اڏڻ واري رٿا خلاف پيپلزپارٽي جو احتجاج فيس سيونگ ۽ سنڌ جي ھر شعبي سان لاڳاپيل عوام جي ڀرپور احتجاج جو نتيجو آھي. پاڻي وانگر اين ايف سي ايوارڊ گيس پيٽرول ڪارونجهر سميت سنڌ جي وسيلن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آھي.ان موقعي تي محمد يوسف، حافظ طاھر مجيد، مجاھد چنا۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.