بلاول پاران حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ

 لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندڙ پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر طرفان بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ افطار ۽ ڊنر ڏني وئي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي امن امان تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ قومي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو. گورنر هائوس پنجاب ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم ۽ سڀني جماعتن کي دهشتگردن سان مقابلي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته سڀني جماعتن کي ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻو پوندو، اپوزيشن کي سياست ڪرڻي آهي ته عوامي ايشوز تي ڳالهائي، ڇو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ملڪي مفادن لاءِ اجتماعي فيصلا ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته اسان کي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته دهشت گردي عروج تي آهي ۽ سياست ورهايل آهي، دهشت گرد بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرگرم آهن. هن چيو ته دهشت گردي جي پٺيان بين الاقوامي طاقتون ٿي سگهن ٿيون، دهشت گردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته قومي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ضروري آهي، سڀني جماعتن کي ذاتي مسئلن کان پاسو ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم کان اپيل آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر قومي سلامتي تي اجلاس گهرائي، حڪومت سياسي جماعتن کي قومي سلامتي جي معاملن تي گڏ ڪري، ملڪ جي مفاد ۾ گڏيل فيصلا ڪرڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.