راهب ٻپڙ جو جيءُ جهوريندڙ وڇوڙو ۽ سندس ڪتاب

تحرير: سارنگ منير سومرو

سانگين سان گڏ سالگرھ ۾ وڇڙي ويس ته ورسي آهيان، هي سٽون مونکي ڪجهه ڏينهن کان ذهن تي ترنديون پيون رهن جڏهن کان مون ٽي وي چينل تي سارنگ ٻپڙ جي اها اسٽوري ٻڌي ته اڄ شڪارپور ۾ ناليواري صحافي ۽ ٽي وي اينڪرپرسن راهب ٻپڙ جي ورسي ملهائي، جنهن ۾ راهب ٻپڙ جي لکيل ڪتاب ” اگهيو ڪائو ڪچ“ جي مهورت به ڪئي وئي.

 راهب منهنجواهو دوست هو، جنهن لاءِ منهنجي دل اڄ تائين اهو تسليم نه ڪري سگهي آهي ته هو اسان جي وچ ۾ نه آهي مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته راهب جي وڇوڙي تي ڪجهه لکان ۽ دل جو بار هلڪو ڪيان. ڪجهه ڏينهن اڳ سارنگ کي فون ڪيو، جيڪو راهب جو ننڍو ڀاءُ آهي، ان کي چيم ته ادا راهب واري ڪتاب ”اگهيو ڪائو ڪچ “ جي هڪ ڪاپي گهرجي پئي، دل چوي ٿي ان بهاني ان تي ڪجهه لکي وٺان جنهن تي پياري سارنگ ڪتاب ته ان ئي ڏينهن ڊاڪ ۾ روانو ڪيو پر پوءِ به جڏهن لکڻ لاءِ سوچيو ته لفظن هميشا ويجهو اچڻ کان ڪيٻايو. اهڙي صورتحال باوجود به ڪجهه لفظ ڪاغذ تي آڻيان پيو ته متان راهب ٻپڙ جي ڪجهه سڪ لاهي سگهان. راهب منهنجو ميڊيائي دوست هو.ميڊيا جو اهو مزدور هو، جيڪو ادارن ۾ مزدوري ڪندي ڪندي اسان کي جوانيءَ ۾ الوداع ڪري ويو، جنهن جوانيءَ ۾ هن جا هٿ شادي جي ميندي جي طلب ڪري رهيا هئا، جيڪا هن جي زندگيءَ ۾ وڌيڪ رنگ ڀري ها، پر انهن سڀني رنگن کي رستي ۾ ڇڏي، هو  هليو ويو. هو ارڏو صحافي ۽ اداڪارن جهڙو اينڪرپرسن ۽ صحافت جي روپ ۾ پورهيت نظر ايندڙ شخص هو. هن جي لکڻين واري ڏات وري الڳ هئي. راهب ٻپڙ پنهنجي پورهئي سان گڏ قلم مان به مزدور جيان ڪم وٺندو هو، جنهن پورهئي جو وڏو پهاڙ هن اسان کي ڪتاب ” اگهيو ڪائو ڪچ“ جي روپ ۾ ڏنو. ملڪي سياست سنڌ جي عشق آڙاهه ۽ تڪليفن سان سلهاڙيل هن جو ڪتاب  304 صفحن تي ٻڌل تي ٻڌل آهن، ديبل پبلشر حيدآباد پاران ڇپرايل هن ڪتاب جو مهاڳ نسيم بخاريءَ لکيو آهي، ليکڪ جو تعارف ۽ پنهنجي پاران پنهجي فرض ۾ سندس ڀاءُ سارنگ ٻپڙ تمام بهترين ڀيٽا ۽ ڪتاب جو عڪس چٽيو آهي، ڪتاب سارنگ ٻپڙ پنهجي وڇڙي ويل ڀاءُ راهب ٻپڙ کي ئي ارپيو آهي.

 هي پورو ڪتاب مون هڪ ساهيءَ ۾ ئي پڙهيو آهي، پر هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته ڄڻ مان سنڌ جو سير ڪري رهيو آهيان. ۽ سنڌ جا درد دل سان محسوس ڪري رهيو آهيان. ڪتاب پڙهندي ائين پئي لڳو ته مون عالمي طور سڄي دنيا جو سير ڪري رهيو آهيان جتي عالمي سياست انهيءَ ۾ سازشن جي بوءِ محسوس ڪري رهيو آهيان،  سڄي دنيا جو معاشي سفر هجي يا سياسي گهريلو سفر هجي يا دوستيءَ جو راهب ٻپڙ هر هڪ پيج تي ائين نڀايو آهي ڄڻ هو هر هڪ سٽ جي گهاو ۽ احساس مان گذري آيو هجي.

 راهب ٻپڙ جي ڪتاب ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند کان وٺي پيپلز پارٽي جي اقتداري سياست کان سنڌ جي تباهيءَ تائين هن جي لفظن جي روپ ۾ پورو احوال شامل آهن، ڪراچيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ واري سازش کان وٺي سنڌ پوليس جي سنڌ ۾ رويي تائين هن ڪتاب ۾ سٺي عڪاسي ٿيل آهي، راهب ٻپڙ جي ڪتاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کان وٺي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملن تائين جي تاريخ موجود آهي، مشرف جون آمراڻيون حرڪتون هجن يا سپريم ڪورٽ جي پسند ۽ قانون جي پاسداريءَ جا فيصلا انهن سڀني معاملن تي هن ڪتاب جا ڪافي پاسا سلهاڙيل آهن، هن ڪتاب ۾ سياست، درد، سنڌ، عشق  عالمي سياست، معاشي ۽ سياسي معاملا اهڙي نموني عڪس ٿيل آهن جو ڪتاب ڪو به پڙهي ته مان سمجهان ٿو، هو هن ڪتاب کي هڪ بهترين ڪتاب جو اعزاز ڏين کان رهجي نه سگهندو. هن ڪتاب پڙهڻ سان مونکي بار بار اهو لڳو ڄڻ اهي سڀ ڳالهيون اهي سڀ قصا اهي سڀ بحث اهي سڀ داستان راهب مونکي پاڻ ٻڌائي رهيو آهي، جيڪو پاڻ اسان وٽ نه هوندي به هن ڪتاب جي صورت ۾ هڪ، دوست ۽ همسفر اسان وٽ ڇڏي ويو آهي، جيڪو اسان کي ياد ڏياريندو رهندو ته راهٻ ٻپڙ زنده آهي زنده رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.