من پسند صحافين ۽ اينڪرن کي ايوارڊ ڏيڻ جو الزام، تنقيد

اسلام آباد (منصور علي خان) 23 مارچ جي موقعي تي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ايوارڊ ڏنا ويا، جن ۾ صحافين ۽ اينڪر پرسنن جو به وڏو انگ شامل هو. ايوارڊ وٺندڙن ۾ منيب فاروق، ڪامران شاهد، مزمل سهروردي، حسن ايوب، نصر الله ملڪ ۽ ٻيا شامل هئا. سوشل ميڊيا تي ان تي بحث شروع ٿي ويو، خاص طور تي حڪومت جي مخالفن، خاص طور تي پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙن، ان تي اعتراض ڪيو ته انهن صحافين کي ايوارڊ ڇو ڏنا ويا؟ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ماضي ۾ به، جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ هئي، تڏهن به من پسند ماڻهن کي ايوارڊ ڏنا ويا، ۽ ان وقت ن ليگ وارن کي اعتراض هوندو هو. اهو پڻ سامهون آيو ته 2023 ۾ شاهزيب خانزاده کي به ايوارڊ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، پر هن انڪار ڪيو هو. ڪنهن کي به ايوارڊ جي آڇ ٿيڻ کانپوءِ انڪار ڪرڻ جو پنهنجو حق هوندو آهي. بحث جاري آهي ته ايوارڊز سياسي وابستگين کان هٽي ڪري ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏيڻ گهرجن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 24 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.