اسلام آباد( وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته شمسي توانائي سان لاڳاپيل حڪومت جي پاليسي ۽ اوليت ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. وزيراعظم شهباز شريف پاور ڊويزن جي معاملي تي جائزو اجلاس ۾ گفتگو ڪندي چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ هڪ جامع ۽ مؤثر حڪمت عملي تحت پيڪيج تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام حاصل ڪيو ويو آهي ۽ نظام جي درستگي جو عمل جاري آهي. انهن وڌيڪ چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارن جي ذريعي عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ رليف ڏنو ويندو.شهباز شريف جو اهو به چوڻ هو ته شمسي توانائي بابت حڪومت جي پاليسي ۽ ترجيحات ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي.