بلوچستان ۾ هڙتال، ماهه رنگ بلوچ سميت 17 گرفتاريون

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ لاشن سان گڏ ڌرڻو هڻندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، ماهه رنگ سميت چئن عورتن کي هڪ مهيني لاءِ ڪوئيٽا  جيل اماڻيو ويو، ڪالهه ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ گمشدگين ۽ پوليس تشدد خلاف بي واءِ سي جي اپيل تي ڪوئيٽا، مستونگ، قلات، خضدار، چاغي، نوشڪي، واشڪ، تربت، پنجگور سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، ان دوران مظاهرين ۽ پوليس ۾ جهڙپن جي نتيجي ۾ ڪوئيٽا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، جڏهن ته شهر ۾ موبائل فون نيٽ ورڪس مڪمل طور بند رهيا، جمعي تي ڪوئيٽا ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي هئي ۽ پوليس طرفان ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوششن کانپوءِ ڇڪتاڻ شروع ٿي، بي واءِ سي الزام لڳايو ته پوليس احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿيا، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي قيادت ۾ جمعي جي رات لاش سرياب روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻ صبيحه بلوچ دعويٰ ڪئي ته اسان لاش رکي ڌرڻو هنيو ته صبح 5 وڳي ٻيهر ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس لاش به پاڻ سان گڏ کڻي وئي، ڪوئيٽا پوليس جي هڪ اهلڪار بي بي سي کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته ماهه رنگ بلوچ سميت 17 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ انهن کي هدا جيل منتقل ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي بيبو بلوچ ۽ گلزادي بلوچ پڻ شامل آهن، پوليس اهلڪار ٻڌايو ته گرفتاري کانپوءِ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين عورتن کي پهرين بجلي گهر ٿاڻي منتقل ڪيو ويو هو، پر ٻنپهرين کانپوءِ انهن کي ٿاڻي مان هدا جيل منتقل ڪيو ويو، مارجي ويلن جا لاش سندن رشتيدارن حوالي ڪيا ويا آهن، هوڏانهن صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند دعويٰ ڪئي ته احتجاجين جي پٿراءَ ۽ تشدد ۾ عورت ۽ مرد پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿيا، اهو پتو لڳايو پيو وڃي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڪنهن جا مڙهه روڊ تي رکي احتجاج ڪيو، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ حڪومت خاموش تماشائي بڻجي نٿي ويهي سگهي، ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين 4 عورتن کي ٿري ايم پي او تحت هڪ مهيني لاءِ جيل منتقل ڪيو ويو آهي، ڪمشنر ڪوئيٽا حمزہ شفقات چيو ته جعفر ايڪسپريس ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي حمايت ۾ احتجاج ڪرڻ تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ساڻن گڏ موجود هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪئي، انهن هٿياربند ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 مزدور ۽ هڪ افغان شهري مارجي ويا، ٻئي طرف بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهِد رند چيو ته سول اسپتال ڪوئيٽا تي حملي کانپوءِ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو آهي، بي واءِ سي جي احتجاج ۾ هٿياربند ماڻهو شامل هئا،  هوڏانهن بلوچستان بار ڪائونسل مظاهرين تي پوليس جي ڪارروائي خلاف اڄ احتجاج طور صوبي ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گرفتار عورتن، ٻارڙن ۽ شاگردن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ سرياب مان لاپتا ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي، بار ڪائونسل وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي نااهل حڪومت پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ جبر ۽ طاقت جو استعمال ڪري آمريت جي بدترين مثال قائم ڪئي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي انفارميشن سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پرامن مظاهرين جي مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ جي ذميوارن کي فوري طور تي ظاهر ڪيو وڃي، جبري گمشدگيون غير انساني، غير قانوني ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهن، رات دير سان نوشڪي جي غريب آباد واري علائقي ۾ پوليس جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

  • نيشنل پارٽي پاران ڪوئيٽا ۾ گرفتارين جي سخت مذمت

ڪوئيٽا(م ڊ)نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ،بيبو بلوچ سميت ٻين مظاهرين جي گرفتاري جي سخت مذمت  ڪندي چيو آهي ته مردن، عورتن کي گرفتار ۽ شهيدن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ فسطائيت جي انتها آهي،پرامن احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو جمهوري حق آهي،ان حق کي روڪڻ  آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ۽ انساني حقن جي سنگين پائمالي آهي،هن چيو ته حڪومت کي آئين ۽ قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي،بي واءِ سي اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي

  • ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاري کانپوءِ بلوچستان ۾ حالتون خراب

اسلام آباد(منصورعلي خان) بلوچستان پوليس بلوچ اڳواڻ ماه رنگ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. کيس ڌرڻي مان گرفتار ڪيو ويو، ماه  رنگ مطابق پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڏينهن اڳ بيگناه بي هٿيار 3 بلوچ مارجي ويا هئا پوليس جي دعويٰ آهي ته اها فائرنگ پوليس پاران نه ڪئي وئي هئي.پوليس مطابق ان لاءِ احتجاج ختم ڪرايو جو رستي روڪ هئي ۽ احتجاج جي اجازت به نه ورتل هئي.اهي به خبرون آهن ته ڪوئٽه اندر ٻن ٽن ڏينهن کان انٽرنيٽ جي بندش آهي.ٻئي پاسي انتطاميه پاران ڪوئٽه م رات جي وقت ٽرانسپورٽ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. بلوچستان اندر شٽربند هڙتال بابت متضاد خبرون آيون جن مطابق خضدار وغيره بند رهيا ٻئي پاسي دڪان کليل هئڻ جون به خبرون ڪجهه ذريعن رپورٽ ڪيون.بلوچستان بار عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ به ڪيو. بلوچ ايڪتا ڪميٽي ماهرنگ بلوچ جي آزادي تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيوآهي.پي ٽي آئي پاران ماهرنگ بلوچ جي گرفتاري سميت ٽن بلوچن جي مارجڻ جي مزمت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.