قلات ۽ نوشڪي ۾ حملا، 4 پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا

قلات( م ڊ)قلات ۽ نوشڪي ۾ ٻن ڌار ڌار حملن ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا، نوشڪي جي علائقي غريب آباد ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، هوڏانهن قلات جي علائقي منگچر ۾ اڻڄاتل ماڻهن  هڪ تعميراتي ڪمپني جي ڪيمپ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مزدور مارجي ويا،ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيمپ ۾ موجود 4 مزدور مارجي ويا جڏهن ته هڪ مزدور معجزاڻي طور بچي ويو، ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مزدور ٽيوب ويل تي ڪم ڪري رهيا هئا، فوتين جو تعلق پنجاب جي علائقي صادق آباد سان هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.