نئين پارٽي ٺاهينداسين،ڪئنال ٺاهڻ لاءِ اسان جي لاشن مٿان گذرڻو پوندو:جونيئر ذوالفقار

ڏيپارجا/سيٺارجا (نمائندا)ڏيپارجا ڀرسان ڳوٺ قائم الدين ڪُٻر ۾ غازي قادر ڪٻر جي رھائشگاھ تي جونيئر ذوالفقار علي ڀُٽو جي آمد گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي جونيئر  ذوالفقار علي ڀُٽو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌو درياھ مان ڇهه غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي هڪ وڏي سازش آهي جنهن کي ڪنهن به  صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ جا ماڻهو اڳ ۾ ئي پاڻي جي سخت کوٽ جو شڪار آهن ۽ جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته ان سان سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ روزگار تي تباهه ڪندڙ اثر پوندا، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ جو عوام سخت احتجاج ڪندو سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا ۽ حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ اھو به چيو ته سنڌو درياهه مان نڪرندڙ غير قانوني ڪئنالن وارو واپس نه ورتو ويو ته اسان مرڻ جي لاءِ به تيار ٿينداسين پر ڪئنال ڪڍڻ ڪونه ڏينداسين ان موقعي تي غازي قادر ڪٻر پاران جونيئر ذولفقار علي ڀُٽو ۽ ٻين پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو جلسي ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقه ٺري ميرواھ جي صدر امير طارق حسين ڪٻر، پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ مھتاب احمد راڄپر، ڪامريڊ ضمير احمد لُنڊ سميت ھزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي،هوڏانهن جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو آهي ته  نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو وڏو نقصان ٿيندو، پيپلزپارٽي جي اهڙي فيصلي تي سنڌ جو ٻچو ٻچو نڪري پيو آهي، جنهن ڪري حڪومت به هاڻي بيان مٽائڻ شروع ڪيا آهن ، هن وڌيڪ چيو اسان اھا پارٽي جوڙي رهيا آهيو جيڪا نه هڪ مذهب،سياست سان وابسته هوندي بلڪ پاڪستان جي هر فرد جي پارٽي هوندي اهڙو اظهار سيٺارجا ڀرسان ڏيپارجا ۾ جونئير ذوالفقار علي ڀٽو پ پ شهيد ڀٽو سکر ڊويزن جي صدر غازي عبدالقادر ڪٻر جي افطار پارٽي ۾ شرڪت بعد عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اڄ حضرت علي جي شهادت جو ڏينهن آهي جن جو فرمان آهي ته حق سچ جي راهه تي مضبوط بيهو باطل ڀڄي ويندو انشاء الله اسان به حق ته سر ڏينداسين آصف زرداري سنڌ جا ٻيٽ کپايا زمينون کپايون ۽  هاڻي سنڌو درياهه پيو کپائي سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ سبب سنڌ بنجر بڻجي ويندي پاڻي انسان جي زندگي آهي اگر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو ته سنڌي ماڻهون بک بدحالي جو شڪار ٿي ويندا سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جو سودو ڪري سنڌ سان غداري ڪئي آهي پيپلزپارٽي پنهجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس ڪئنال ٺاهڻ لاءِ پهريان اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.