اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) حڪومت پگهاردار طبقي کي فوري رليف ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت مزدور طبقي تي بار جو احساس ڪندي ان طبقي کي فوري رليف ڏيڻ کان معذرت ڪئي آهي ۽ گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين لاءِ کنڊ جو الڳ اگهه مقرر ڪرڻ جو به واعدو ڪيو آهي، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پگهاردار طبقي تي اوڳاڙي ٽيڪس جي دٻاءُ خلاف پاڻمرادو نوٽيس جو جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري بلال اظهر ڪياني چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو ڪافي وزن آهي، پر ملڪي معيشت جون حالتون اهڙيون آهن جو ملازمن کي فوري رليف ڏيڻ ممڪن ناهي، هن چيو ته ريلوي ۾ 1000 پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا پيا وڃن، بلوچستان ۾ ٽرينن تي هاڻ 22 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، بولان ۽ جعفر ايڪسپريس کي جلد بحال ڪيو ويندو، شاهد عثمان چيو آهي ته ڪمند جي ڪمرشل ۽ ملڪي قيمتن جو الڳ الڳ طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي 17 اپريل تائين ڪم مڪمل ڪندي، مملڪتي وزير شاهد عثمان جواب ڏنو ته معيشت جي بحالي ۾ هڪ سال لڳندو، قومي بچت جي اسڪيمن ۾ اسلامي سيڙپڪاري نه هجڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ايوان کي ٻڌايو ويو ته 64 ارب رپين جي اسلامي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.