هر سال وانگر هن سال به نشرياتي ادارن جي خبرن ۾ زور شور سان ٻڌايو پيو ته23 مارچ تي پاڪستان جي 85 هين "يوم پاڪستان” جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ شاندار پريڊ ۽ ٻيا پروگرام رٿيا ويا آهن وغيره. پاڪستان جي تاريخ ۾ 23 مارچ کي انتهائي اهم قومي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، پر سوال اهو آهي ته اسان جي درسي ڪتابن ۽ سرڪاري بيانن ۾ اهڙي بيان ڪيل 23 مارچ جي تاريخ حقيقت تي ٻڌل آهي يا ؟ ڇا اسان کي سچ پڙهايو پيو وڃي يا تاريخ کي ٽوڙي مروڙي نئون رنگ ڏنو ويو آهي
جيئن ته 23 مارچ 1940 تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس مينار پاڪستان ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ لاهور ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ باضابطه طور تي "قرارداد لاهور” پيش ڪئي وئي، جيڪا 24 مارچ 1940 تي متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته تاريخي طور 24 مارچ تي منظور ٿيل قرارداد کي 23 مارچ سان منسوب ڪيو ويو، ۽ پوءِ وري ان کي "يوم پاڪستان” جو درجو ڏئي پيش ڪيو پيو وڃي.
به دلچسپ ڳالهه آهي ته 1940 جي قرارداد ۾ "پاڪستان” جو نالو ئي شامل نه هو! قرارداد شير بنگال مولوي فضل الحق پيش ڪئي هئي جنهن جو بنيادي نقطو اهو هيو ته ” اتر اوڀر ۽ اتر اولھه هندستان جي مسلمان اڪثريتي علائقن کي "آزاد ۽ خودمختيار رياستون” بڻايو وڃي” پر ان وقت تائين نه پاڪستان جو نالو تجويز ڪيو ويو هو، نه ئي هڪ گڏيل ملڪ جي ڳالهه ٿي هئي، ان وقت هندوستان ۾ گڏ رهڻ جي ڳالهه هئي اصل ۾، پاڪستان جي قيام جي مطالبي کي واضح ڪرڻ لاءِ 7 کان 9 اپريل 1946 تي آل انڊيا مسلم ليگ جو "دهلي ڪنوينشن” ٿيو. جنهن ۾ سنڌ مان سائين جي ايم سيد، ايوب کهڙو ، سر عبدالله هارون ۽ وفد شامل ٿيو هو. 7 اپريل 1946 تي دهلي ۾ "قرارداد پاڪستان” پيش ڪئي وئي، جيڪا 9 اپريل تي متفقه طور منظور ڪئي وئي. جيڪا قرارداد لاهور جي برعڪس هئي. دهلي ڪنوينشن ۾ 1940ع جي قرارداد جي تشريح بدلي وئي، هاڻي پاڪستان کي الڳ، واحد، خودمختيار ملڪ طور تصور ڪيو ويو.
- پاڪستان لاءِ واضح علائقن جو ذڪر ٿيو – بنگال، آسام، پنجاب، سنڌ، صوبو سرحد ۽ بلوچستان کي پاڪستان جو حصو قرار ڏيڻ جو مطالبو ٿيو.
- هندستان ۽ پاڪستان کي الڳ الڳ ملڪ مڃڻ تي زور – پهريون دفعو مسلم ليگ واضح طور چئي ڇڏيو ته هندستان ۽ پاڪستان گڏ نه نٿا ٿي سگهن ۽ هندستان ۽ پاڪستان الڳ الڳ ملڪ ٺهندا.
دهلي ڪنوينشن کان پوءِ، پاڪستان جو مطالبو واضع شڪل ۾ سامهون آيو ۽ اتي 1940 جي قرارداد تي غلط فهميون ان وقت وڌيون جڏهن رياستن واري لفظ کي ڪٽي الڳ رياست طور سامهون آندو ويو.
شروع ۾ ته جي. ايم. سيد 1940ع جي قرارداد جي حمايت ڪئي هئي ۽ پاڪستان لاءِ مهم به هلائي. پر 1946ع تائين، هن کي خدشو ٿيو ته مسلم ليگ جو تصور سنڌ جي خودمختياري کي نقصان پهچائيندو.
دهلي ڪنوينشن 1946 ۾ مسلم ليگ واضح طور هڪ متحد پاڪستان جو مطالبو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ سميت سڀئي مسلم اڪثريتي علائقا شامل ٿي وڃن. جي. ايم. سيد کي لڳو ته ان سان سنڌ جي الڳ سڃاڻپ ختم ٿي ويندي، ان ڪري هن ان فيصلي جي مخالفت ڪئي.
بعد ۾، جي. ايم. سيد مسلم ليگ کان ڌار ٿي سنڌ جي خودمختياري جي تحريڪ هلائي ۽ قومپرست سياست اختيار ڪئي.
23 مارچ 1956 تي پاڪستان جو پهريون آئين لاڳو ٿيو، جنهن ڪري هن ڏينهن کي "يوم جمهوريه” طور ملهايو ويو. 1956 ۽ 1957 ۾ هي ڏينهن "يوم جمهوريه” طور ملهائيندا رهيا، پر پوءِ پاڪستان ۾ جمهوريت کي ئي ختم ڪيو ويو!
1958 ۾ ايوب خان مارشل لا لڳائي، ۽ جيئن ته 23 مارچ جو "يوم جمهوريه” ملهايو پئي ويو، سو فوجي آمريت لاءِ جمهوريت جو ڏينهن ملهائڻ نامناسب لڳو. تڏهن تاريخ کي هٿ سان بدلائي "يوم جمهوريه” کي مٽائي "يوم پاڪستان” بڻايو ويو! ان کان پوءِ 1960 کان وٺي، 23 مارچ کي پاڪستان جي قيام سان جوڙي ڪوڙ پڙهايو پيو وڃي
1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جوڙيل آئين، 14 آگسٽ تي نافذ ڪيو ويو، جڏهن ته اهو تيار اڳ ۾ ئي هو. فوجي دٻاءَ جي ڪري ان کي 14 آگسٽ تي لاڳو ڪيو ويو ته جيئن 23 مارچ کي جمهوريت سان نه ڳنڍيو وڃي.ايئن تاريخي حقيقتن ۽ سچ کي دٻايو ويو
23 مارچ 1940 تي پاڪستان جو نه، پر رياستن جو ذڪر هو.اصل "قرارداد پاڪستان” 7 اپريل 1946 تي "دهلي ڪنوينشن” ۾ پيش ٿي، 9 اپريل تي منظور ٿي. 23 مارچ 1956 تي "يوم جمهوريه” قرار ڏنو ويو، پر 1958 ۾ ان کي ختم ڪري "يوم پاڪستان” بڻايو ويو.هاڻي تاريخ کي بدلائي اسان کي اهو پڙهايو ويو ته 23 مارچ تي پاڪستان جو قيام طئي ٿيو هو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. حقيقتن کي ڪوڙ جي پردي پويان نه لڪايو وڃي، بلڪه صحيح تاريخ کي عوام آڏو پيش ڪرڻ گهرجي!