سنڌ، جيڪا هزارين سالن کان علم، ثقافت، ۽ تمدن جو مرڪز رهي آهي، اڄ ھر لحاظ کان استحصال جو شڪار بڻيل آهي. هيءَ اها ئي ڌرتي آهي، جتي موهن جو دڙو جهڙي تهذيب اڀري، جيڪا دنيا جي قديم، ۽ جديد، ترين تهذيبن مان هڪ آهي. سنڌو ماٿري تهذيب، جيڪا علم، تجارت، ۽ شهرن جي منصوبابنديءَ ۾ اڳواڻ رهي، ان جا نشان اڄ به ملن ٿا. پر افسوس، جو پنهنجي تاريخي عظمت رکڻ باوجود، سنڌ اڄ وسيلن جي ڦرلٽ، ناانصافين، ۽ استحصال جي ور چڙهيل آهي.
انگريزن جي دور ۾، سنڌ کي ڪجهه ترقي ملي. اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي مڃتا ملي، علمي ترقيءَ جو سلسلو اڳتي وڌيو، ۽ مواصلات، تعليم، ۽ انتظامي شعبن ۾ بهتري آئي. پر 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، ته سنڌ، بلوچستان، ۽ اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) سان ظلم جو ھڪ نئون بابُ شروع ٿي ويو جيڪو ڪنهن ڌاري قوم ن پر اسان جي ئي حڪمران رياست پنجاب ڪيو! ( ھت پنجاب کي صوبو چوڻ مناسب نٿي سمجھان ) جنھن ۾ سر فھرست وس وارا ادارا موجود آھن.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، اوڀر پاڪستان کي شروع کان ئي نظرانداز ڪيو ويو. بنگالي عوام، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏو حصو هو، پنهنجن ثقافتي، اقتصادي، ۽ سياسي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. 1952ع ۾ ٻوليءَ جو مسئلو اٿيو، جتي بنگالين جي زبان کي سرڪاري مڃتا نه ڏني وئي، ۽ انهن کي سياسي طور تي به نظرانداز ڪيو ويو.
1970ع جي عام چونڊن ۾، عوامي ليگ واضح اڪثريت سان کٽي آئي، پر اقتدار انهن حوالي نه ڪيو ويو. نتيجي ۾، بنگالي عوام احتجاج ڪيو، جنهن تي انتھائي ظالماڻي طريقن سان فوجي آپريشن ڪيو ويو(، ظلمن ۽ جبري گمشدگين جو اھڙو عبرتناڪ سلسلو شروع ٿيو جنھن تي ڪڏهن تفصيل سان لکبو،) ۽ آخرڪار 1971ع ۾ بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو.اڄ بنگلاديش هڪ معاشي طور تي مستحڪم ملڪ آهي، جتي صنعتي ترقي، تعليم، ۽ عورتن جي شموليت سان ترقيءَ جا نوان در کوليا ويا آهن. انهن جي معيشت تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي بحرانن جو شڪار ٿي ويو آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، جڏهن انهن ٽن صوبن سان ظلم ۽ ناانصافيون ڪيون ويون، جن مان هڪ (بنگلاديش) وڃائي ويٺو، ته پوءِ پاڪستان وارا "ڪشمير، ڪشمير” جو راڳ ڇو الاپين ٿا؟ پهرين ڳالهه ته جيڪي علائقا (صوبا ) هنن وٽ آهن، انهن کي سنڀالين، انهن جي عوام جا حق پورا ڪن، ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي ملڪ جو نالو ئي ختم ٿي وڃي ڏٺو وڃي ته ،ڪشمير، جنھن کي پاڪستان پنهنجي اهم مسئلن مان سمجهي ٿو، دراصل هنن پنهنجي هٿن سان وڃايو. لياقت علي خان، جيڪو پاڪستان جو پهريون وزيراعظم هو، هن وقت جي حالتن ۽ عالمي سياسي دٻاءُ سبب ڪشمير جو وڏو حصو هندستان جي حوالي ڪري ڇڏيو. اها حقيقت تاريخ ۾ دفن ڪئي وئي، پر حقيقت،حقيقت ئي رھندي جنھن کي ڪير بدلائي نٿو سگھي..
ھاڻ سنڌ ۾ جيڪا پاڻي ۽ وسيلن تي قبضي خلاف هلايل جدوجهد ھلي رھي آھي . اھا رڳو سنڌ واسين جي مسئلي تي نه آهي، بلڪه هيءَ تحريڪ پاڪستان جي بقا سان جڙيل آهي.انڪري جو ملڪي بقا ان ۾ ئي آھي ته صوبن کي انھن جا حق ڏنا وڃن جيڪڏهن حڪمرانن جي ظالماڻي پاليسين کي روڪڻ لاءِ ڪا مزاحمت نه ڪئي وئي ته ائين ئي ٿئي ، جيئن بلوچستان ۾ ٿيو—اُتي جي مظلوم عوام کي پنهنجي وسيلن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ غدار ۽ دهشتگرد قرار ڏنو ويو. ساڳئي ريت، سنڌين تي به اهڙا ئي ڪوڙا الزام لڳائي، کين ظلم جو نشانو بڻائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. حڪمران پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ملڪ کي هڪ خطرناڪ گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪيندا پيا وڃن، جنهن جا نتيجا تباهه ڪن ثابت ٿيندا.
جيڪڏهن اسان تاريخ کي ڏسون ته بلوچستان جي اقتدار تي ويٺل قابض ٽولي هميشه پنهنجي استحصالي پاليسين جو نشانو بڻايو. اڄ به اتي جي عوام کي پنهنجن وسيلن تي حق گهرڻ جي ڏوهه ۾ ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي. حقيقت اها آهي ته بلوچستان گورنمينٽ هجي يا موجوده صوبائي، وفاقي حڪومتون، ھي اصل ۾ فارم 47 سان وجود ۾ آيل اُن خاص اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهن، جيڪا رڳو طاقتور حلقن جي مفادن جي نگهباني لاءِ ڪم ڪندي آئي آهي. جيئن ڪنهن ڏاهي چيو هو، هي سڀ "سليڪٽڊ” حڪومتون آهن، جن کي عوام جي مفادن سان ڪوبه واسطو ناهي.
سنڌ جي صورتحال ته اڃا به وڌيڪ خطرناڪ آهي. سنڌ حڪومت، جيڪا سنڌي عوام جي ووٽ سان اقتدار ۾ آئي، اُن به رڳو پنهنجي اقتدار جي خاطر سموري سنڌ کي وڪڻي ڇڏيو آهي. حڪمرانن جي منافقت ايتري وڌي وئي آهي جو هڪ پاسي عوام جي وسيلن کي وڪرو ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي ڪوڙيون دعوائون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ رڌل آهن.
پاڪستان کي جيڪڏهن بچائڻو آهي ته هن استحصالي نظام کي ختم ڪرڻو پوندو. سنڌ جي عوام کي پنهنجي وسيلن تي مڪمل حق ڏنو وڃي، بلوچستان جي عوام سان ٿيل ظلمن جو ازالو ڪيو وڃي، ۽ وفاق کي حقيقي معنيٰ ۾ فيڊريشن طور هلايو وڃي، نه ڪي مخصوص طبقي جي حڪمراني قائم رکڻ جو اوزار بڻايو وڃي. جيڪڏهن حڪمرانن پنهنجي روش نه بدلايائون ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پاڪستان اندروني انتشار جو شڪار ٿي ڪنهن وڏي سانحي ڏانهن وڌي ويندو .
هلندڙ