لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف طوفاني ۽ رڪارڊ ٽوڙ سينچري ٺاهيندڙ نوجوان اوپنر حسن نواز پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪندو.
پي ايس ايل ڊرافٽس ۾ نوجوان اوپنر کي پاڪستان سپر ليگ جي اڳوڻي چيمپيئن ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پلئيرز ڊرافٽس ۾ پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو هو.
فرنچائز نوجوان کي ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ چونڊيو هو، ان کان اڳ حسن نواز 2023ع ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪئي هئي پر هو رڳو ٽي ميچون کيڏي سگهيو هو.
حسن نواز پي ايس ايل جي ٽن ميچن ۾ سئو جي اسٽرائيڪ ريٽ ۽ 9 ڏهائي 33 جي ايوريج سان 28 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like