بورڊ ۽ بابر کي به هڪ موقعو ڏيڻ جو چيو پر سڀني نظرانداز ڪري ڇڏيو: عمر اڪمل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊگهي عرصي کان پاڪستاني ٽيم مان ٻاهر رهندڙ ڪرڪيٽر عمر اڪمل انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم اسپنرن خلاف کيڏڻ ۾ ڏکيائين تي فون ڪري مدد گهري هئي.
نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمر اڪمل دعويٰ ڪئي ته بابر اعظم اسپنرن خلاف کيڏڻ ۾ مشڪل پيش اچڻ تي ساڻس رابطو ڪيو هو.
هن ٻڌايو ته بابر اعظم کيس فون ڪئي ۽ چيو ته” مون کي اسپنرن خلاف کيڏڻ ڏکيو لڳي ٿو، خاص طور تي مڊ وڪيٽ تي شاٽ کيڏندي ڪيئي ڀيرا آئوٽ ٿي چڪو آهيان.“
عمر اڪمل موجب، هن بابر کي صلاح ڏني ته هو بال تي آخري لمحي تائين نظر رکي ته جيئن صحيح وقت تي فيصلو ڪري سگهي ته ڪهڙي پاسي شاٽ کيڏڻي آهي.
عمر اڪمل پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو ذميوار به بابر اعظم کي قرار ڏيندي چيو ته هن پنجن سالن جي ڪپتاني دوران بئنچ اسٽرينٿ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي باوجود کيس نظرانداز ڪيو ويو، هن بورڊ عملدارن سان واپسيءَ لاءِ رابطو ڪيو، بابر اعظم سان به ڳالهايو، پر مناسب موقعو نه مليو جڏهن ته هو هڪ بهترين فنشر هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.