ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ماهرا شرما ۽ ڪرڪيٽر محمد سراج رومانوي لاڳاپن بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
جمعي ڏينهن ماهرا شرما پنهنجي انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي واضح طور تي ٻڌايو ته هوءَ ڪنهن سان به ڊيٽنگ نه پئي ڪري.
هن لکيو ته” افواهون پکيڙڻ بند ڪريو، مان ڪنهن سان به لاڳاپن ۾ نه آهيان.“
ان بيان کان اڳ محمد سراج به پنهنجي انسٽاگرام تي اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي، پر ٿوري دير کانپوءِ پنهنجي پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي.
محمد سراج پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو”مان پاپارازي کي گذارش ڪيان ٿو ته مون کان اهڙا سوال پڇڻ بند ڪن، هي سڄو ڪوڙ ۽ بنياد آهي، مون کي اميد آهي ته هاڻي هي معاملو ختم ٿي ويندو.“
ياد رهي ته ماهرا خان ۽ محمد سراج جي لاڳاپن بابت ڊگهي عرصي کان خبرون ميڊيا تي ڇانيل هيون، جڏهن ته تنهنڪري ڪرڪيٽر طرفان اداڪارا جي تصويرون لائيڪ ڪرڻ واري عمل به مداحن کي گهڻو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.