غزا ۾ اسرائيلي جارحيت: پاڪستان جو گڏيل قومن تي فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ تي زور

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو آهي ته غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ جاري اسرائيلي جارحيت خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪري.
اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم غزا ۾ انساني صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ ۾ هڪ بيان ڏيندي ڪيو.
هن اسرائيل جي غزا تي تازي بمباري ۽ انساني امداد جي منظم ناڪابندي سميت وڌندڙ جارحيت جي سخت مذمت ڪئي.
اسرائيل جي وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائين جو حوالو ڏيندي منير اڪرم چيو ته روز فوجي ڇاپا، آبادين تي حملا ۽ زمينن جو غير قانوني انضمام اولهه ڪناري ۾ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جي هڪ منظم ڪوشش آهي.
هن چيو ته هڪ اعتماد جوڳو سياسي عمل شروع ڪيو وڃي، جيڪو 1967 کان اڳ جي سرحدن موجب هڪ خود مختيار فلسطيني رياست جي قيام جو رستو کولي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.