ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا کان رات جي وقت ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي سفر جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪوئيٽا جي ڪمشنر حمزا شفقات جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪوئيٽا کان رات جي وقت ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي سفر جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته بسن ۽ ڪوچن جي وقت سر روانگي يقيني بڻائي ويندي ۽ سڀني ڪوچن، بسن ۾ ٽريڪر ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون فعال رکيون وينديون.
گڏوگڏ سڀني ٽرانسپورٽرن کي حڪومتي قدمن بابت ڀرپور سهڪار جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like