نشائيءَ جو معمولي تڪرار تي ساٿين تي دستي بم سان حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا

پارا چنار (ويب ڊيسڪ) پارا چنار ۾ منشيات جي عادي هڪ شخص معمولي تڪرار تي ساٿين تي دستي بم سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
طوري قبرستان جي علائقي ۾ تعمير ٿيندڙ گهر ۾ واقعو پيش آيو، پوليس موجب دستي بم ڦاٽن سان 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.
پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ منشيات جا عادي ماڻهو متاثر ٿيا، تعمير هيٺ عمارت ۾ موجود ماڻهو منشيات جا عادي هئا ۽ پاڻ ۾ معمولي تڪرار تي هڪ شخص ٻين تي دستي بم سان حملو ڪري ڏنو.
پوليس موجب واقعي واري هنڌان شباب نالي نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.