ثانيا مرزا، شعيب ملڪ کان طلاق ڇو ورتي؟ ڪرڪيٽر جي ڀيڻ ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۾ اختلافن بابت شعيب جي ڀيڻ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
شعيب ملڪ کان طلاق وٺڻ کانپوءِ ثانيا مرزا ۽ سندس ڪٽنب خاموش رهيو، پر هاڻي شعيب جي ڀيڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ثانيا، شعيب جي ”افيئرز“ وارن معاملن کان تنگ اچي طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، شعيب جي ڀيڻ انڪشاف ڪيو ته اِهو سبب هو جو ڪٽنب شعيب جي ٻي شادي واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ثانيا جي ڀيڻ انعم مرزا جنوري 2024 ۾ تصديق ڪئي هئي ته ثانيا مرزا، ثناءَ جاويد سان شادي کان ڪجهه مهينا اڳ شعيب ملڪ کان طلاق وٺي چڪي هئي .
ياد رهي ته شعيب ملڪ ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا 2010 ۾ شادي ڪئي هئي، جوڙي هڪ پٽ اذهان جو اولاد آهي، ٻنهي گذريل سال هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.