ليا (ويب ڊيسڪ) حسن نواز جي والدين پنهنجي پٽ جي شاندار ڪارڪردگي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس محنت رنگ لاتو آهي.
حسن نواز جي پيءُ جو چوڻ هو ته محدود وسيلن جي باوجود هن ڪڏهن به همت نه هاري، هن ليا جي پٺتي پيل علائقي ڪوٽلا حاجي شاهه کان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ هاڻي سندس شاندار ڪارڪردگي تي تمام گهڻو خوش آهيون ۽ رب جو شڪريو ادا ڪيون ٿا.
حسن نواز جي ماءُ چيو ته هوءَ ڊپ سبب ميچ نه ڏسي سگهي، ڇو ته کيس خوف هو ته متان پٽ کي سندن ئي نظر نه لڳي وڃي.
نيوزيلينڊ خلاف آڪلينڊ جي ميدان 44 بالن تي 105 رنسن جي شاندار ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي پاڪستان کي فتح ڏيارڻ کانپوءِ، ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن نواز پنهنجي سينچري پنهنجي پيءُ جي نالي ڪئي هئي.
پاڪستان آڪلينڊ ۾ کيڏيل ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست پنجن ميچن جي سيريز ۾ شاندار واپسي ڪئي آهي.
22 ورهين جي حسن نواز آڪلينڊ ۾ کيڏيل ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ رڳو 44 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي. سندس شاندار اننگز ۾ 10 چوڪا ۽ 7 ڇڪا شامل هئا.
ياد رهي ته ان کان اڳ بابر اعظم 2021ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 49 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
. پنجن ميچن واري سيريز ۾ ٻن ميچن ۾ نيوزيلينڊ ڪامياب رهيو، جڏهن ته هڪ ميچ پاڪستان پنهنجي نالي ڪئي.
” ڊپ ٿئي پيو ته ڪٿي پٽ کي اسان جي ئي نظر نه لڳي وڃي“ حسن نواز جي ماءُ جذباتي ٿي وئي
You might also like