اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ۾ رهندڙ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي مبينا طور تي هراسان ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ درخواست گذارن کي هراسان ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ان ڏس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس جلال الدين ۽ ٻين افغان پناهگيرن جي درخواست اڪلائيندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.
فيصلي موجب، درخواست گذارن عدالت کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان حڪومت پاڻ کين پناهگير طور رجسٽر ڪيو آهي، تنهنڪري سندن ڪارڊ جي مدي پوري ٿيڻ تائين هراسان ڪرڻ يا زبردستي بي گهر ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 27 جولاءِ 2024 جي نوٽيفڪيشن موجب قانون تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي.
واضح رهي ته ان نوٽيفڪيشن موجب، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ ترسڻ جي آخري تاريخ 30 جون 2025 مقرر ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت کي قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.