عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ڪڏهن ٿيندو؟ تاريخ سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 30 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ مذهبي مامرن واري وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندو، جڏهن ته زونل ڪميٽين جا اجلاس مقرر ڪيل هنڌن تي ڪوٺايا ويندا.
ٻئي پاسي، موسميات کاتي پاڪستان ۾ عيدالفطر 31 مارچ (سومر) تي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، شوال جي چنڊ جي پيدائش 29 مارچ تي رات 3 لڳي 58 منٽن تي ٿيندي، جڏهن ته 30 مارچ تي چنڊ جي عمر اٽڪل 27 ڪلاڪ هوندي.
سج لهڻ کانپوءِ چنڊ 70 منٽن تائين آسمان تي نظر ايندو ۽ 20 ڪلاڪن جي عمر وارو چنڊ انساني اک ڏسي سگهبو.
وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي ٽن ڏينهن جي موڪلن جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي 31 مارچ کان 2 اپريل تائين هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.