سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري

لاهور (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر کان اڳ سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري، اي جي پنجاب اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان سرڪاري ملازمن جون پگهارون جاري ڪري ڇڏيون.
سرڪاري ملازمن کي پگهارون ايم پي جي جي ذريعي ڏنيون ويون.
اڪائونٽنٽ جنرل پنجاب موجب، جديد ڊجيٽل نظام ذريعي بنا دير جي ملازمن جي اڪائونٽس ۾ پگهارون منتقل ڪيون ويون، جڏهن ته نئين ڊجيٽل نظام سان شفافيت ۽ تيزي به يقيني بڻائي وئي آهي.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت به سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن عيد کان اڳ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي وزارت پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي بابت ڪنٽرولر جنرل اڪائونٽس کي خط لکيو هو، نوٽيفڪيشن موجب 27 مارچ تي سرڪاري ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون وينديون.
ناڻي وزارت جي اختيارين موجب، پاڪستان ۾ عيدالفطر 31 مارچ يا 1 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن عيد کان اڳ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
نوٽيفڪيشن موجب، رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي به مارچ جي پينشن 27 مارچ تي ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.