ايف آءِ اي، سنڌ مان 10 آفيسرن کي بلوچستان بدلي ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ انتظامي بحران ختم ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي سنڌ زون مان 10 آفيسرن کي بلوچستان بدلي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هيڊڪوارٽر جي حڪمن تي وڌيڪ 24 آفيسرن جي فهرست تيار ڪئي پئي وڃي.
ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر اسلام آباد مان جاري ڪيل حڪنامي چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ آپريشنل گهرجن سبب مختلف رئنڪ جي آفيسرن جي کوٽ آهي، تنهنڪري ايف آءِ اي بلوچستان جي اهم ذميوارين کي اٽرائتو بڻائڻ لاءِ ترت بدلين جو حڪم ڏنو ويو.
ايف آءِ اي اي ڊي جي سائوٿ آفيس طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي زون مان اي ڊي شاهد سعيد، انسپيڪٽر نازيه سليم، خرم اسلام، راجا سنيل، منير باجڪاڻي، ۽ ڪمبوه خان کي بلوچستان بدلي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد زون مان ذوالفقار علي سيال، صائمه صديق، سرفراز حسين ۽ وقار احمد کي به بلوچستان موڪليو ويو آهي.
ايف آءِ اي عملدارن موجب، هيڊڪوارٽر طرفان تازو ملندڙ حڪنامي تحت سنڌ زون مان وڌيڪ 24 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بلوچستان بدلي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سنڌ زون ۾ اڳ ئي آفيسرن جي کوٽ آهي، جنهن سبب نئين صورتحال انتظامي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.