آمريڪا اڳرائي ڪئي ته سنگين نتيجا ڀوڳيندو: ايراني سپريم ليڊر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايران خطي ۾ پراڪسي جنگ نٿو چاهي ۽ يمني حوثي گروپ جي حملن سان ايران جو ڪو واسطو ناهي.
ايران جي سپريم ليڊر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا ان کي جواز بڻائي ايران خلاف ڪو قدم کڻندو ته ان کي سنگين نتيجن ڀوڳڻا پوندا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا يا ڪو ٻيو ملڪ ايران خلاف ناپاڪ عزم رکي ٿو ته ان کي سخت نتيجن جو منهن ڏسڻو پوندو .
نئين سال جي پهرئين ڏينهن تهران ۾ سالياني تقريب دوران خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا يمني حوثي گروپ کي ”ايراني پراڪسي“ چئي وڏي غلطي ڪئي آهي، هن سوال اُٿاريو ته ”پراڪسي جو مطلب ڇا آهي؟“
ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته يمني گروپن جا پنهنجا مقصد آهن ۽ خطي ۾ ويڙهاڪ گروهن جا پنهنجا مقصد آهن، ايران کي ڪنهن به پراڪسي جي ضرورت نه آهي.
آيت الله خامنه اي وڌيڪ چيو ته ايران کي ڌمڪايو پيو وڃي پر ايران ڪڏهن به ڪنهن سان جنگ ۾ اڳرائي ناهي ڪئي، پر جيڪڏهن ڪو ايران خلاف قدم کڻندو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏبو.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يمني حوثي گروپ جي اسرائيل تي ٿيل حملن جو ذميوار ايران کي قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.