جيڪي چون ٿا ڪئنال ٺهي ويا آهن ته اهي بم سان اڏائن: جميل سومرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ+ ع آ نيوز) لاڙڪاڻي  پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي طرفان سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف بيگم نصرت ڀٽو هال کان جناح باغ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ ايم پي اي جميل احمد سومرو، پ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي خيرمحمد شيخ، ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لُهر، تعلقي صدر ۽ وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اسدالله ڀٽو، ٽائون چيئرمين شاهه رخ انور سيال، عبدالحق کهاوڙ، سپاف جي ضلعي صدر عبدالرحمان موريو، پ پ پ اڳواڻ غلام رسول لغاري سميت ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته پيپلز پارٽي پهرين ڏينهن کان چوي پئي ته سنڌ کي ڪنهن به صورت ڪئنال منظور ناهن پر ان جي باوجود ڪجهه ڌرين جي احتجاج ۾ ڪئنالن کان وڌيڪ پيپلز پارٽي جي مخالف ٿي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت ڪئنالن خلاف قومي ٻڌي جي ضرورت آهي، ڪئنالن واري معاملي تي پيپلز پارٽي کي ذميوار قرار ڏيڻ مناسب ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سميت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ڪئنالن واري معاملي تي پنهنجو موقف پيش ڪندي ڪئنالن تي سخت اعتراض اٿاريو ۽ وڏي وزير سنڌ اسيمبليءَ مان قراداد منظور ڪرائي پوري ملڪ کي پيغام ڏنو ته پيپلز پارٽي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال قبول ناهن پر ان جي باوجود ڪئنالن جي آڙ ۾ پيپلز پارٽي خلاف واويلا ڪري بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن جنهن جي اسين سخت مذمت ٿا ڪيون. سوشل ميڊيا تي وڊيو موجب هن چيو ته ڪئنال ٺهيا ئي ناهن، جيڪڏهن ٺهيا آهن ته پوءِ بمن سان اڏايو  ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جي حوالي سان ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم اين اي مرحوم محمد اياز سومرو جي 7 هين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ بيگم نصرت ڀٽو هال ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو ۽ ٻين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرشماتي شخصيت هو جنهن زراعت سميت هر شعبي ۾ سڌارا آڻي ملڪ کي 1973ع جو پهريون متفقه آئين ڏنو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.