رپورٽون آهن ته پنجاب حڪومت سنڌ جي سخت احتجاج باوجود پنهنجي هوڏ تي برقرار آهي ۽ سنڌ جي احتجاج کي نظرانداز ڪندي سنڌو درياهه تي وڌيڪ ٽي ڪئنال ٺاهڻ لاءِ بجيٽ ۾ هزارين ارب روپيا مختص ڪري ڇڏيا آهن، ايئن سنڌو مٿان نون ٺهندڙ ڪئنالن جو انگ 6 مان وڌي 9 ٿي ويو آهي. ان رپورٽ ۾ مختلف لنڪ ڪئنالن لاءِ جيڪي پيسا رکيا ويا آهن تن جا تفصيل پڻ ڏنل آهن. مثال طور تي ٽوبا ٽينڪ سنگهه کي آباد ڪرڻ لاءِ تريمو لنڪ ڪئنال لاءِ 2 ارب 22 ڪروڙ روپيا، پاڪ پتن جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ ايم پي لنڪ ڪئنال ٺاهڻ لاءِ هڪ ارب ۽ پاڪ پتن اسلام لنڪ ڪئنال جي اڏاوت لاءِ 70 ڪروڙ رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن. رپورٽ موجب پنجاب حڪومت 7 ڪئنالن جي ري ماڊلنگ لاءِ به اربين روپيا مختص ڪيا آهن. انهن ۾ جهنگ مان نڪرندڙ رنگ پور ڪئنال جي بحالي لاءِ هڪ ارب روپيا، قصور مان نڪرندڙ آر بي او ڊي لنڪ ڪئنال جي ريماڊنگ لاءِ 46 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. شجاع آباد لنڪ ڪئنال جي ريماڊنگ لاءِ 60 ڪروڙ روپيا، مظهر ڳڙهه کي آباد ڪرڻ لاءِ ميگاسن بئراج ڪئنال جو پاڻي تونسا بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ لاءِ 60 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح گجرات بئراج ڪئنال جي بحالي لاءِ به 85 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. هوڏانهن ذريعن موجب جلال پور ڪئنال جي اڏاوت تي 50 سيڪڙو رقم خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جلال پور ڪئنال تي 16 ارب 85 ڪروڙ روپيا خرچ ٿي ويا آهن جن مان 8 ارب 85 ڪروڙ رپيا پرڏيهي فنڊنگ مان خرچ ڪيا ويا آهن. جلال پور ڪئنال کي 2027 تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي پاڻي ماهرن جو ان رپورٽ جي حوالي سان چوڻ آهي ته نوَن ڪئنالن سميت ڪئنالن جي ريماڊنگ سان سنڌ جو پاڻي متاثر ٿيندو ڇو ته انهن سڀني ڪئنالن لاءِ به سنڌو درياهه مان ئي پاڻي کنيو ويندو. ٻئي پاسي چولستان ڪئنال تي به ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هوڏانهن پاڻي جي وسيلن بابت وفاقي وزير معين وٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪئنالن تي ڪم شروع ناهي ٿيو صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ ڪم شروع ڪيو ويندو. في الحال ڪئنالن جو ڪم شروع ٿيڻ بابت خبرون درست ناهن ٻيو ته زور يءَ ڪئنال نه ٺهندا.
جيستائين وفاقي وزير معين وٽو جي موقف جو تعلق آهي ته ائين چئي اسان کي هر دور ۾ بي دوکي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪو ڊيم ۽ ڪئنال نه ٺهندو، سنڌ کي پاڻي جو حصو ملندو رهندو ڪير به ان جو پاڻي نٿو کڻي سگهي، پنجاب پنهنجي پاڻي جي حصي مان ڪئنال ٺاهي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ به ائين ئي چيو ويندو هو، هاڻوڪو وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي خاتون وزيراعليٰ مريم نواز، وفاقي وزير احسن اقبال جن به اهو ئي چئي رهيا آهن. هيڏانهن سنڌ حڪومت، وڏو وزير مراد علي شاهه سميت پ پ جا صوبائي وزير سڀ چون ٿا ته سنڌوءَ مان نوان ڪئنال نه ٺهن ٿا ۽ نه ئي ٺهڻ ڏينداسين. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ته هڪ خبر موجب سنڌ جي صحافين کي عيد کان پوءِ چولستان جو دورو به ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جئين کين پڪ ٿئي ته چولستان لاءِ ڪو ڪئنال نه ٺهي رهيو آهي. هوڏانهن صدر آصف زرداري جنهن جو تعلق به سنڌ سان آهي ۽ پاڻ سنڌي آهي تنهن به گڏيل پارليامينٽ کي خطاب ڪندي واضح ڪيو هو ته هو بحيثيت صدر مملڪت سنڌوءَ مان ٺهندڙ ڪئنالن جي منصوبن جي اجازت نه ڏيندو، حڪومت کي ان معاملي ۾ صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.
اهي ته ٿيون چوڻ جون ڳالهيون پر افسوس ته ساڳي وقت اهي به مسلسل رپورٽون ميل رهيون آهن ته سنڌو جي سراپا احتجاج ۽ سنڌ حڪومت جي بظاهر مخالفت باوجود ڪئنالن تي ڪم هلي رهيو آهي. چولستان ڪئنال جي افتتاح جون به خبرون رپورٽ ٿيون هيون. ايس يو پي ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻ زين شاهه ته ٻه ڀيرا چولستان وڃي ويڊيو ٺاهي ڏيکاريون آهن ته ڏسو ته ڪئنال تي ڪم هلي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي به ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ چولستان ۾ کجين جا ٻوٽا پوکيل ڏيکاريا پيا وڃن ۽ هاڻي وري اها رپورٽ آئي آهي ته پنجاب حڪومت ڇهن ڪئنالن کان علاوه به ٽن نون ڪئنالن لاءِ بجيٽ ۾ فنڊ رکي ڇڏيا آهن.
اسان جي ته خواهش هوندي ته جيڪر ڪئنالن جي ٺهڻ جون واقعي به اهي خبرون ڪوڙيون هجن ۽ واقعي به جيڪر ڪئنال نه ٺهندا هجن پر جيڪڏهن اهو ڪوڙ ناهي ۽ واقعي به ڪئنال ٺهي رهيا آهن ته پوءِ پنجاب حڪومت ۽ وفاق جي ان رويي کي ڪهڙو نانءُ ڏجي. اسان ته نون ٺهندڙ ڪئنالن کي صرف سنڌ جي پاڻيءَ تي ئي حملو نه ٿا سمجهون پر ان کي وفاق جي سلامتي تي به حملو سمجهون ٿا. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته وفاق کي ان ڳالهه جو احساس ڇو ناهي يا اهو ڇا ٿو چاهي. آخر ننڍن صوبن کي ائين بي دردي سان نظرانداز ڪري ڪهڙو ٿو پيغام ڏنو وڃي، ڇا زين شاهه جو اهو چوڻ درست ناهي ته جيڪڏهن سنڌ جي احتجاج باوجود تڪراري ڪئنال ٺاهيا ويا ته پوءِ سنڌي قوم اسلام آباد جي رستن کي ڏسڻ ڇڏي ڏيندي. ڇا اوهان صوبي خيبر پختونخواه جو رويو نه ٿا ڏسو، ڇا بلوچستان جي حالتن کي نه ٿا ڏسو، ۽ هيڏانهن سنڌ مان به جيڪڏهن عليحدگي جا آواز اچڻ گهرجن ته ڇا اوهان به اهو ئي ٻڌڻ ٿا چاهيو ۽ اهو ئي ٿيڻ ٿا چاهيو، ڇا اوهان صرف هڪ صوبي کي وفاق ٿا سمجهو ۽ ان جي مفادن وارن فيصلن کي ئي وفاق جي مفاد ۾ ٿا سمجهو، ڇا ننڍن صوبن جا حق وفاق جي مفاد ۾ ناهن. اهي ڪجهه سوال آهن جن جو جواب وفاق ۽ وفاقي حڪومت جي موجوده وزيراعظم شهباز شريف جي آڏو رکون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته هو ننڍن صوبن جي مفاد ۾ ڪئنالن جي تڪراري منصوبن تان هٿ کڻندو.