ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش مهر سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن مطابق هن سال ڪڻڪ جي امدادي قيمت نه ڏئي سگهنداسين. جيڪڏهن هارين کي سپورٽ پرائس نه ڏني وئي ته وڏا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، زراعت هن وقت انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ آهي، آبادگار مالي بحران جو شڪار آهي، خرچ وڌي ويا آهن، پر آمدني گهٽ ٿي وئي آهي. هن خبردار ڪيو ته فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو به پيدا ٿي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان کي بچائڻ لاءِ ضروري هو،هن چيو ته ڇهه ڪينالن بابت پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو واضح موقف آهي ته انهن کي قائم ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اسان گهٽ پاڻي تي ٿيندڙ زرعي جنسون متعارف ڪرائي رهيا آهيون،