سپريم ڪورٽ ۾ ڪئنالن خلاف نعرا،پي ٽي آءِ پاران حمايت

اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ اندر ڪئنال نامنظور جا نعرا لڳي ويا،وڪيلن نعرا هنيا ته هي ڪئنال سمورا منظور ،سنڌ جي حقن تي ڌاڙو نامنظور،پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ لطيف کوسي چيو آهي ته سنڌوءَ مٿان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال قبول ناهن،اسان سنڌ جو دورو ڪيو آهي،سنڌ کي توهان پاڻي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي،ان جو پاڪستان کي نقصانٿيندو، پي ٽي آءِ سنڌي ڀائرن، ڀينرن، هارين، پورهيتن، شاگردن،نياڻين،ٻارن سان گڏ آهي، انهن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين،هن چيو ته سنڌ جو وڏيرو سودو ڪري درياهه وڪڻي رهيو آهي،سنڌ وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.