عالم، سياست دان حافظ حسين احمد لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد(م ڊ) ناليوارو عالم ، سياست دان ۽ جمعيت علماءِ اسلام جو جهونو اڳواڻ حافظ حسين احمد لاڏاڻو ڪري ويو. حافظ حسين احمد ڊگھي عرصي کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا هئا،سندس پٽ منير احمد پنهنجي والد جي انتقال جو اطلاع ڏنو. حافظ حسين احمد پنهنجي سياسي سفر ۾ سينيٽر ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو  هو مولانا فضل الرحمن جو ويجهو ساٿي هئو. ڊسمبر 2022 ۾ جڏهن اختلافن کان پوءِ حافظ حسيناحمد جمعيت علماءِ اسلام نظرياتي ۾ شامل ٿيو. هوڏانهن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حافظ حسين احمد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.  سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين صادق سنجراڻي به ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.