ٽنڊو ڄام (رپورٽ: احمد سجاد) سنڌ دشمن 6 ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٽنڊو ڄام ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن نور شاھه ڪاليج کان پنڌ مارچ ڪرڻ بعد ورڪشاپ اسٽاپ وٽ جلسي ڪيو، احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جيصدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، ضمير ڀٽو، خادم سمون، نصرت خاصخيلي، ڪرڙ ريٻاري، رازو مل، عزيزان نوناري، قاسم ڌماچ ۽ ٻيا شريڪ ھئا، جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ڪئنالن خلاف جيئن نڪتي آھي ان جو ايم آر ڊي کانپوءِ 30-40 سالن ۾ مثال نٿو ملي، موجود صدر، ضيا ۽ مشرف کان وڌيڪ طاقتور ناھي، سنڌي ماڻھن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نه ڏنو، ٻٽو نظام ھلڻ نه ڏنو، تيئن 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪرڻ نه ڏيندا، سنڌ دشمن سازشون ناڪام بنائي، ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ اٿاري بيھاربي، اوھان آڏو ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان تاريخي مزاحمت ٿيندي، توھانکي غلط فھمي آھي ته سڄي سنڌ ڪا حڪمران وڏيرن، سردارن، مرشدن، وزيرن، ڪامورن ۽ کرب پتين وانگر ھيڻي، موقعي پرست ۽ ڀاڙي آھي، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، ڪئنالن خلاف آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو، اياز لطيف پليجي چيو ته صوبن کي 1940 جي قرارداد تحت مڪمل خودمختياري ڏني وڃي، آئين ۽ قانون تي عمل نه ڪرڻ سبب ملڪ ۾ سدائين بحران واريون حالتون رهن ٿيون، ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري، معاشي بحران، سياسي بحرانن سبب عوام بدحالي جو شڪار آهي، صوبا ۽ ملڪ ترقي بدران پوئتي وڃي رهيا آهن.