ملڪ اندر خاص ڪري صوبي خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ وڌيل دهشت گردي تي ويچارڻ لاءِ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جو ٽيون ڏينهن ان ڪئمرا اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وزيراعظم، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، دي جي ايم آءِ، وفاقي وزير، چئن صوبن جا وڏا وزير، گورنر، مسلم ليگ (ن)، پ پ، جي يو آءِ ۽ متحده قومي مووينيٽ جا اڳواڻ ۽ اسيمبلي ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ آخر ۾ ڪجهه فيصلا ڪيا ويا ته دهشت گردن جو نيٽ ورڪ ٽوڙيو ويندو، لاجسٽڪ سپورٽ ختم ڪئي ويندي، نيشنل ايڪشن پلان ۽ عزم استحڪام واري حڪمت عملي تي فوري عمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير چيو ته آخر اسان گورننس جو خال فوج ۽ شهيدن جي رت سان ڪيستائين ڀريندا رهنداسين. سو بهتر گورننس ۽ ملڪ کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڪيستائين سافٽ اسٽيٽ جيان جانيون قربان ڪنداسين. هن چيو ته ڪابه ايجنڊا شخصيت، تحريڪ سلامتي کان مٿي ناهي. هن اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي جماعت شريڪ نه ٿي ته اسان جون شرطون آهن پهريون اهي تسليم ڪيون وڃن مثال طور اسان کي جيل ۾ قيد عمران خان سان ملڻ ڏنو وڃي وغيره. پي ٽي آءِ جو اهو به موقف هو ته دهشت گردن خلاف ڀلي سخت آپريشن ڪريو پر سفارتي طور پهريون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
انهيءَ اجلاس توڙي پي ٽي آءِ جي موقف جي حوالي سان پاڻ اهو چونداسين ته هتي اهي ٻئي طريقا استعمال ٿي چڪا آهن يعني مختلف وقتن ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن، نرميون به ٿيون آهن، سختيون به ڪيون ويون آهن ته آپريشن به ڪيا ويا آهن ۽ سفارتي ڪوششون پڻ. جڏهن ته پوءِ به مستقل طور تي ملڪ مان دهشت گردي جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي. ان جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو آهي ته انهن طريقن مان ڪنهن کي به مستقل طور اختيار نه ڪيو ويو آهي.
چيف آف آرمي اسٽاف جو اهو چوڻ به درست آهي ته گڊ گورننس جو هميشه هتي خال رهيو آهي. اهو خال ڇو رهيو آهي اهو خود بحث جوڳو معاملو آهي ۽ ان تي ڳالهائي ۽ سوچي سگهجي ٿو ته آخر ملڪ اندر ”بهتر گورننس“ جو خال ڇو آهي جو بقول چيف آف آرمي اسٽاف جي ته فوج کي حڪمراني جو خال ڀرڻو پئي ٿو ۽ پنهنجو رت وهائڻو پوي ٿو.
سو ان اشوءَ تي پنهنجو اهو ئي مٿي ڄاڻايل خيال آهي ته مستقل پاليسيءَ جو فقدان آهي. اسان وٽ نه چونڊن جو صاف شفاف نظام آهي، نه حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ٿو نه ئي وزيراعظمن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو آهي.
اسان جي ملڪ اندر عام تاثر اهو هوندو آهي ته بظاهر سول حڪومتون هونديون آهن پر پس پرده اسٽيبلشمينٽ جون پاليسيون هلنديون آهن. انهن پاليسين سبب غير مستقل نظام رهي ٿو سياسي استحڪام ۽ مضبوط جمهوري نظام نه هئڻ ڪري به ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۽ بحرانن جو شڪار آهي. مثال طور جيڪڏهن 2013 ۾ نيشنل ايڪشن پلان شروع ڪيو ويو جنهن جا ڪامياب نتيجا به نڪتا هيا ته اهو نيشنل ايڪشن پلان اڳتي هلي ڇو غير مؤثر ٿي ويو، انهيءَ کي ڪنهن غير مؤثر ڪيو، ان مان ڪنهن هٿ ڪڍيا ۽ ڇو ڪڍيا، ان جو جائزو وٺبو ته جواب ملي ويندو. وري جيڪڏهن ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ جو رستو ورتو ويو ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪتا؟ سو هر هر حڪومتن ۽ وزيراعظمن ۽ حڪومتي توڙي اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين جي تبديلين سبب هڪ مستقل پاليسيءَ تي عمل نه ٿيو. ٻيو ته ملڪي پارليامينٽ ۽ سول حڪمراني کي ڄاڻي واڻي هڪڙن مخصوص مفادن جي ڪري ڪمزور ڪيو ويو. ايئن حڪمرانن جا هٿ به ٻڌا ويا. مثال طور تي جيڪڏهن پ پ ۽ پي ٽي آءِ پاڻ ۾ پارليامينٽ اندر اتحاد ڪري گڏيل حڪومت ٺاهين ته ڇا اسٽيبلشمينٽ کين اها اجازت ڏيندي، يا مسلم ليگ (ن) جيڪڏهن پي ٽي آءِ سان تعلقات بهتر ڪري، عمران خان جا ڪيس ختم ڪري ته ڇا ان جي کين اجازت ملندي. ائين ئي دهشت گردي ۽ بلوچستان بابت ڪا به حڪومت پنهنجي مرضي سان پاليسي ٺاهي سگهي ٿي. اهڙا ڪيترائي سوال آهن جيڪي اڻ جوابيل آهن.
جيستائين گڊ گورننس جي خال جو معاملو آهي ته اهو به غير مستقل مزاجيءَ جو سبب آهي ته حڪومتن ۽ وزيراعظمن کي پوري مدي تائين هلڻ نٿو ڏنو وڃي تنهن ڪري ڪا به حڪومت پير کوڙي ڪم نه ڪري سگهندي آهي. ڪجهه وقت کان حڪومتي جماعتن اهو به چوڻ شروع ڪيو آهي ته گڊ گورننس ڏيکارڻ لاءِ صرف 5 سالن جو عرصو گهٽ آهي. عمران خان ته اهو به چيو هو ته ٽي سال ته رڳو حڪومتي نيٽ ورڪ ٺاهڻ ۾ لڳي ويندو آهي سو هر حڪومت کي ڏهن سالن جو مدو ملڻ گهرجي. اسان عمران خان جي ان خيال سان سهمت آهيون يا نه پر سندس اهو خيال آهي ته گڊ گورننس لاءِ حڪومتن کي وقت ملڻ گهرجي. ۽ وري جيڪڏهن حڪومت کي انهن پنجن سالن ۾ به پنهنجي مرضي سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ته گڊ گورننس ڪيئن قائم ٿيندي. و ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل سياسي استحڪام، مستقل پاليسين، مضبوط جمهوري ۽ پارلياماني نظام سان ئي سلهاڙيل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان پاسي سوچيو وڃي.