پڊعيدن/ نوشهروفيروز (نمائندا) عوامي تحريڪ طرفان مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، لطيف ڀٽي، حسين، سومرو، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، علي نواز عالماڻي، سرور سنڌي، سلام سومرو، شاھد سولنگي، ستار عمراڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ مومل ڏاھري، ثنا راڄپر، سنڌ سڀيتا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڊعيدن ۾ نصرت ڪئنال کان جلال جي چوڪ تائين زبردست ريلي ڪڍي وئي شهر جي مک روڊ تي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي جلسي عام ڪيو ويو. جلسي عام کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف جدوجھد جاري رهندي. سنڌ کي ڏيڍ صدي جو حساب گھرجي. سنڌو درياهه تي وک وک تي پنجوڙ وڌا ويا آهن. ڊيمن ۽ ڪينالن سنڌو درياهه کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. انڊس ڊيلٽا مڪمل ختم ٿي ويو آهي. سنڌ جا لکين ماڻهو بيروزگار ۽ دربدر ٿي چڪا آهن. چولستان ڪينال ٺاهي ڪروڙين سنڌي عوام کي مارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.